Posts

Showing posts from May, 2019

بيگوسراء جو سياسي دنگل ليکڪ: عامر عمراڻي ۽ اسد کوسو

بيگوسراء جو سياسي دنگل ليکڪ: عامر عمراڻي ۽ اسد کوسو (سڪرنڊ فريٿنڪرس فورم) اوريھن صدي ۾ سياست جي دنيا ۾ ھڪ نئين فلسفي جو بنياد پيو جنھن کي دنيا مارڪسزم يان ڪميونزم  نالن سان سڃاڻڻ لڳي، دنيا جي ٻين ملڪن جي ماڻھن سان گڏوگڏ انڊيا جي ماڻھن کي به ھن فلسفي گھڻو متاثر ڪيو جنھن کانپوء 1925 ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جو ڪانپور شھر (اتر پرديش) ۾بنياد پيو، ڪميونسٽ پارٽي جي جوڙيندڙن ۾ ايم اين روائي، ايولن ٽرينٽ روائي، امباني مکرجي ۽ محمد علي شامل آھن. ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا مارڪسزم، ليننزم جي فلسفن جي پرچارڪ آھي جن جي مکيا ڳالھين ۾ جيڪي ڳالھيون اينديون آھن اھي آھن 1، پرولتاڙين (Rule of working class) جي حڪومت. 2، عورتن کي برابري ڏيڻ جو حق. 3، ذاتي ملڪيت جو خاتمو. 4، سماج ۾ انصاف جي رواني، خاص طور تي ھيٺين ذاتين مثلاً  دلتن (جن کي انڊيا ۾ مٿيون طبقو مثلاً  برھمڻ ھٿ ڏيڻ به غلط سمجھندا آھن) طبقو اوترا ئي حق جيترا ھڪ برھمڻ کي مليل آھن. 5، احتجاجي تحريڪن ھلائڻ جو حق. 6، لينڊ رفارمز وغيره شامل آھن. آزادي کان اڳ ۾ سي پي آئي تي آزادانه ڪم ڪرڻ تي پابندي ھئي جيڪا انڊيا جي آزادي کانپوء ختم ٿي ۽ سي پي