Posts

Showing posts from September, 2021
Image
وُو ھُوان، يوڪرين جي ھڪ سيف ھائوس ۾ ورتل انٽَرويو ۾ ڳالھائي ٿي. واشنگٽَن پوسٽ: اداريو 22 آگسٽ 2021   ترجمو: عامر عمراڻي   چائنہ جا اُويغَر ( Uyghurs ) نسل جا رھاڪو، پنھنجي ئي اباڻي ملڪَ ۾ پاڻَ مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر کان بچڻ لاءِ رڙيون ڪندا رھن ٿا. حراستي ڪيمپن (ٽارچر سيلَن) ۾ قيد، اذيت ۽ تَشدد، چائنہ جي صوبي سنڪيانگ جي مغربي علائقَن کي گھيريو ويٺو آھي. جَجهي تعداد ۾ ملندڙ ثبوتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ نہ پسند ڪئي ويندڙ اقليت (اُويغَر مسلمان) ۽ متاثر نقادَ، جيڪي چين ملڪ کان ٻاھر وڃڻ ۾ ڪنھن طريقي سان ڪامياب ٿي وَڃن ٿا، اُھي بہ چين جي وحشياڻا رسائي کان بچيل ناھن. وُو ھُوان، چيني حڪومت جي ھڪ مخالف ۽ باغيءَ جي مڱيندِي، جيڪا سماجي رابطن جي ويبسائيٽ تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪرڻ جي ڪَري حڪومت کي گهُربل ھئي، سا چين مان پاڻ بچائي دبئي پھتي. اُن جو چَوڻ آھي تہ دُبئي پوليس اُن کي 27 مئي تي گرفتار ڪيو ۽ اُن کي دُبئي ۾ چيني حڪومت جي ھڪ خُفيہ زندان خاني ۾ موڪليو، جتي ھن کي 8 ڏينھن لاءِ رکيو ويو. ھڪ چيني آفيسر ھن کي چيو تہ ھوءَ ھاڻي ڪڏھن بہ آزاد نہ ٿيندي. جنھن جي جوابَ ۾، محترمہ وُو جو چوڻ آھي تہ