Posts

Showing posts from February, 2019

Expectations of an impossible Human Society

The exploitative circumstances of today and behavior of humans towards each other is driving this century to the destruction of man. The human, in history have experienced the most destruction and natural disasters but, He, still survives. Once, his existence was challenged by the nature but, soon He mostly controlled over it and, instead, He created millions of ways, to make destruction easiest. Now, He has the WMDs (Weapons of Mass Destruction). The human, at 1st Generation era, believed His survival was in defending himself but, in this era of Technology, He believes, His survival is in exploding of most dangerous explosives He has invented. The nature, ruined humans but, The supernatural human of 21st century is demolishing the Humanity. I, often, thinking deep in it, feel headache and finally get upset. I always return unsuccessful, whenever, on the cup of tea, I start searching the possible solutions of the problems of the human soul and satisfactions. I often raise questions,

عالمي سياسي منظرنامو (جائزو)

سائيم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪَرين. عالمگيريت، ڪير مڃي يا نه مڃي عالمگيريت هڪ حقيقت آهي. اسان هن وشال دنيا جا سمورا ماڻهون هاڻي هڪ ٻئي سان مڪمل طور تي ڳنڍيل آهيون. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٿيندڙ ڪابه تبديلي اسان تي ضرور اثر ڇڏي ٿي يا اسان ويجھو رونما ٿيندر سموريون تبديليون دنيا کي به متاثر ڪن ٿيون. هن وقت دنيا جي اندر ڪجھ ئي اهڙا ملڪ آهن جن کي عام طور تي دنيا جا اڳواڻ ملڪ سڏيو ويندو آهي انهن مان اهم آمريڪا، روس، چائنا، برطانيا آهن جيڪي پنهنجي ارد گرد ملڪن تي تمام گھڻو اثر ڇڏين ٿا. خاص طور تي ٻئين عالمي جنگ کان پوءِ ۽ سرد جنگ واري دور تائين سموري دنيا به ڳالهيون بخوبي سمجھي چڪي هُئي هڪ ته هاڻي عالمي ستح تي طاقت جو توازن تبديل ٿيڻ وڃي پيو ۽ ٻيو ته اُن تبديلي ۾ وڌيڪ حصو اقتصاديات يا معيشيت ڳنڍيندي ۽ ايئن ئي دنيا جي سمورن سگھارن ملڪن بشمول هندستان پنهنجي معيشيت مضبوط ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪيو. جنهن وقت اهڙو ئي سوچ ويچار دنيا جي اندر هَليو پئي اُن وقت پاڪستان ائٽم بم جي تجربي جون تياريون پئي ڪيون ۽ تازو ئي افغان جنگ ۾ آمريڪا جي پِراڪسي واري

مضمون ڪيئن لکجي؟

اسان پنهنجي تعليمي ادارن، دوستن ۽ مختلف سياسي سماجي حلقن ۾ هيءُ لفظ مضمون ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون ۽ فطري آهي جو اُن متعلق اسان جي ذهن ۾ بيشمار سوال به اٿندا هوندا. جيڪڏهن اسان مضمون کي هڪڙي سِٽ جي وصف يا تشريح ۾ بيان ڪريون ته مضمون لکت يا تحريرَ جو اُهو قسم يا وسيلو آهي جنهن ذريعي ليکڪ پنهنجي چونڊيل موضوع تي پڙهندڙ جو ڌيان تحقيقي دليلن جي روشني ۾ ڇڪرائي ٿو ۽ پڙهندڙ کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏ سوچڻ تي پِڻ آماده ڪري ٿو. مضمون ادب جي هڪ اهم صنف يا قسم آهي. پنهنجي خيالن کي پڙهندڙ تائين هڪ منظم طريقي سان لکت جي صورت ۾ پهچائڻ جو اعليٰ ۽ اثرائتو ذريعو آهي. مضمون ان مسلسل تحرير کي چئجي ٿو جيڪا ڪنهن هڪ ئي موضوع تي مبني هُجڻ جي باوجود اُن موضوع جي مقابلي ۾ موجود ٻين موضوعن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ، تضادن ۽ اندروني لاڳاپن متعلق بحث ۽ تحقيق تي مشتمل به هُجي ۽ ساڳئي ئي جڳهه تي ليکڪ جو عقلي ۽ علمي پهچ تحت حاصل ڪيل نتيجو به ان لکت ۾ شامل هُجي. مطلب ته مضمون، تحرير جي صورت ۾ هڪ نتيجا خيز بحث آهي. هتي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جي مضمون جي موضوع تي لکيل هڪ مقالي جو اقتباس پيش ڪرڻ ضروري

سُر ڪيڏارو متعلق عالمن جا رايا (سهيڙ ۽ تاليف)

موٽي مران مَ ماءُ، موٽڻ کان اڳ مَران. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چواڻي ته گھڻي وقت کان وٺي، جن سڄاڻن شاهه جي رسالي کي ڌيان سان پڙهيو تن اها ضرورت محسوس ڪئي ته شاهه جي رسالي ۾ ٻيو جيڪو ڌاريو ڪلام داخل آهي سو جيڪر ڪڍي شاهه جي ڪلام وارو صحيح رسالو تيار ڪجي. اِها نه صرف سنڌ جي ادب جي اهم ضرورت آهي پر سنڌ جي خوشحالي لاءِ ادبي توڙي عملي ستح تي پاڻ پتوڙيندڙ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ طرفان مستقبل جي سنڌ لاءِ قومي پيغام جي حقيقت ۽ سندس سنڌ دوستي، دور انديش سوچ، روشن خيالي ۽ منطق ڏانهن جھڪاءُ واري خصلتن جو نخار پِڻ آهي ته جيئن اسان مرشد لطيف جي نج سندس چيل بيتن تي مبني ڪو رسالو جوڙيون ۽ مرشد لطيف جي ڏنل سنڌ دوست، انسان دوست ۽ رواداري واري پيغام کي صحيح معنيٰ ۾ سمجھي سگھون. هونئن ته شاهه صاحب جي رسالي ۾ ڌارئين ڪلام جي شامل هجڻ واري ڳالهه ڪنهن کان ڳجھي ناهي ۽ ڪيترن ئي سنڌ دوست محققن مرشد لطيف جي رسالي کي ٻاهرئين ڪلام کان پاڪ ڪرڻ جون به بيشمار ڪوششون پئي ڪيون آهن. پر، تنهن هوندي به هن وقت تائين مرشد لطيف جي سموري رسالي جو هڪ رخو اصولي ۽ شعوري نقطه نظر طئي نه ڪيو وَيو آهي.

بهادراڻا خودڪَشي (ڪهاڻي) Bold Suicide (Story)

هُن سان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان روايتي زال مڙس وارو ڏي سوال وٺ جواب جھڙو نتيجي کان ڪوهين ڏور بحث هلندڙ هئو، اُن رات به هوءَ پنهنجي اعتراضن کي واضح ڪرڻ ۾ مصروف هئي ته مون وچ ۾ چيو مانس؛ مان تو سان پيار ڪريان ٿو! هوءَ اڪثر اِهي لفظ ٻڌي هڪ دم بيهي رهندي هئي ۽ پوءِ جواب ڏيندي هئي ته ها، مونکي به توسان محبت آهي، پر، هن دفعي سندس جواب نه آيو. مون سندس اهڙي ڪيفيت کي ڏسندي هُن کي ملڻ جو چيو جنهن کان پوءِ صبح جو وقت طئي ڪيو سين ۽ مان هُن کي هاسٽل کان کڻي ڄامشوري جي سحرا مثل سنڌو جي پيٽ ۾ پاڻي کوٽ جي ڪري اڪري آيل ٻيٽَ تي وٺي آيس. هُن جي عادت هئي ته هوءَ ڪيترو به پريشان هئڻ جي باوجود به جڏهن منهنجي سامهون ايندي هئي ته فقط مسڪرائيندي هئي، ايئن ئي هوءَ کلندي، مسڪرائيندي واريءَ جي هڪ دڙي تي ويٺي ۽ آئون به سندس ڀر ۾ ٿورو پرتي کان ويهي هُن کان سوال ڪري سگھڻ جي سَت گڏ ڪرڻ لڳس. هن جي چهري تي عجيب تاثر هئا ڄڻ هوءَ مونکي پنهنجي اندر ۾ ئي سمائي چڪي هُجي ۽ هاڻ ظاهري رابطا پنهنجي افاديت وڃائي چڪا هُجن. مون ويجھو وڃي هُن جو هٿ جھليو ته احساس مونکي سندس ڳلن جي وجھو ڇڪي ويا ۽ جبلي جذبا منهنجي چ