بيگوسراء جو سياسي دنگل ليکڪ: عامر عمراڻي ۽ اسد کوسو

بيگوسراء جو سياسي دنگل
ليکڪ: عامر عمراڻي ۽ اسد کوسو (سڪرنڊ فريٿنڪرس فورم)

اوريھن صدي ۾ سياست جي دنيا ۾ ھڪ نئين فلسفي جو بنياد پيو جنھن کي دنيا مارڪسزم يان ڪميونزم  نالن سان سڃاڻڻ لڳي، دنيا جي ٻين ملڪن جي ماڻھن سان گڏوگڏ انڊيا جي ماڻھن کي به ھن فلسفي گھڻو متاثر ڪيو جنھن کانپوء 1925 ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جو ڪانپور شھر (اتر پرديش) ۾بنياد پيو، ڪميونسٽ پارٽي جي جوڙيندڙن ۾ ايم اين روائي، ايولن ٽرينٽ روائي، امباني مکرجي ۽ محمد علي شامل آھن. ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا مارڪسزم، ليننزم جي فلسفن جي پرچارڪ آھي جن جي مکيا ڳالھين ۾ جيڪي ڳالھيون اينديون آھن اھي آھن
1، پرولتاڙين (Rule of working class) جي حڪومت.
2، عورتن کي برابري ڏيڻ جو حق.
3، ذاتي ملڪيت جو خاتمو.
4، سماج ۾ انصاف جي رواني، خاص طور تي ھيٺين ذاتين مثلاً  دلتن (جن کي انڊيا ۾ مٿيون طبقو مثلاً  برھمڻ ھٿ ڏيڻ به غلط سمجھندا آھن) طبقو اوترا ئي حق جيترا ھڪ برھمڻ کي مليل آھن.
5، احتجاجي تحريڪن ھلائڻ جو حق.
6، لينڊ رفارمز وغيره شامل آھن.

آزادي کان اڳ ۾ سي پي آئي تي آزادانه ڪم ڪرڻ تي پابندي ھئي جيڪا انڊيا جي آزادي کانپوء ختم ٿي ۽ سي پي آئي باقاعده اليڪشن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو جنھن ۾ سي پي آئي حيران ڪندڙ نتيجا ڏنا خاص ڪري 1957 اليڪشن ۾ ڏکڻ انڊيا جي رياست ڪيريلا ۾ ڪانگريس کي شڪست ڏئي پھريون دفعو پنھنجي حڪومت  ٺاھي. 1964 ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ۾ اندروني اختلافن جي ڪري پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ٿي وئي جنھن مان ھڪ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسسٽ) ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا  سڏائڻ لڳيون. 1970 ڌاري ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا، ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسسٽ) سان ۽ انکان الاوه ٻين کاٻي ڌر جي پارٽين سان ملي ڪري ليفٽ فرنٽ اتحاد ٺاھيو جنھن رياست اولھ بنگال، ٽريپورا ۽ ڪيريلا ۾ حڪومتون ٺاھيون، انکان پوء ويندي 2014 تائين ڪميومسٽ پارٽي اپوزيشن ۾ ته رھندي آئي پر ھن جي مقبوليت ۾ گھٽتائي ايندي ويئي ۽ ايتري تائين جو 2014 جي اليڪشن ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا صرف ھڪ سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسسٽ) صرف 9 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب وئي.

بيگوسراء

بيگوسرائي رياست بھار جو اٺٽيھون ضلعو آھي جنھن جي ڪل آبادي 2970541 آھي ۽ شرع خواندگي 63.87 سيڪڙو آھي. بيگوسرائي جي تڪ تي اليڪشنن جي تاريخ ڏسبي ته پھريون نمبر ڪانگريس جو آھي جنھن 9 دفعا ھن تڪ تان اليڪشن کٽي آھي، ٻئين نمبر تي راشٽريا جنتا دل چار دفعا اليڪشن کٽي آھي انکان الاوه ھڪ دفعو آزاد اميدوار ۽ ھڪ دفعو ڀارتيا جنتا پارٽي کٽيو آھي. ڪميونسٽ پارٽي آف نڊيا کي ھن تڪ تي ڏسبو ته سي پي آئي صرف ھڪ دفعا کٽيو آھي ۽ ٽي دفعا ٻئين نمبر تي رھي آھي. 2019 جي اليڪشن ۾ بيگوسرائي جي تڪ تي ڀارتيا جنتا پارٽي جو اميدوار گريراج سنگھ، راشٽريا جنتا دل جو اميدوار ڊاڪٽر تنوير حسن ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جو اميدوار ڊاڪٽر ڪنھيا ڪمار ھڪٻئي سان آمھون سامھون آھن.
هندستان جي اوڀر ۾ واقع بيگوسِراءِ ضلعو جيئن ته هن وقت سموري هندستان ۽ هندستان کان ٻاهر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڄاتو سڃاتو پيو وڃي.  جنهن جو بنيادي سبب ڪنهيا ڪمار جو اتان جي تَڪ بيگوسِراءِ تان هن ڀيري چونڊ وڙهڻ آهي. بيگوسِراءِ تَڪ جي سياسي تاريخ تي مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڪو دور هئو جو هيءَ تڪ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جو ڳڙهه هئو ۽ هڪ دفعو وري ڪنهيا ڪمار جي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي ٽڪيٽ تان هن تَڪ تي چونڊ ۾ حصو وٺڻ سان کاٻيءَ ڌر ۽ ڪيترن ئي روشن خيال ماڻهن جون اميدون وري جاڳي اٿيون آهن. ڪنهيا ڪمار جنهن تي ملڪ دشمني ۽ غداريءَ جا الزام به لڳل آهن، اُهو نوجوان پنهنجي سموري اليڪشن مهم جو خرچ عوامي چندي (ڪرائوڊ فنڊنگ) وسيلي ڪري رهيو آهي جيڪا پڻ سموري هندستان جي سنجيده حلقن ۾ بحث اندر هجڻ سان گڏ ڪنهيا ڪمار ۽ بيگوسراءِ تڪ ڏانهن سموري دنيا جو ڌيان ڇڪرائي رَهي آهي. ڪنهيا کان علاوه هن تَڪ تي ڊاڪٽر تنوير حسن جيڪو راشٽريا جنتا دَل پارٽِيءَ جي ٽڪيٽ تان ۽ گريراج سنگھ ڀارته جنتا پارٽي جي ٽڪيٽ تان هن تَڪ تي چونڊن وڙهي رَهيا آهن. هاڻي اچو ته ڏسجي ته هن تَڪ تي ماضيءَ جو شاگرد اڳواڻ نوجوان ڪنهيا ڪمار چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي سگھندو يا نه.
ڪنهيا ڪمار جيڪو بوهيمار زات سان تعلق رَکي ٿو ۽ گريراج سنگھ به ساڳئي ئي زات سان نه صرف تعلق رکي ٿو پر بوهيمار برادريءَ جو اڳواڻ پِن ليکيو ويندو آهي هنن ٻنهي ۾ اميدوارن سڌو ٽڪر ان ڪري به آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهيا ڪمار ۽ سندس پارٽي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا اقتدار ۾ موجود ڀارتيه جنتا پارٽي (گريراج سنگھ جنهن جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهي رهيو آهن) جا تمام وڏا مخالف آهن. خابرو اداري بزنس اسٽينڊرڊ جي صحافي سوميش جھا بيگوسراءِ ۾ ٿيندڙ ٽنهي اميدوارن جي اليڪشن ورڪ دوران جڏهن تاثرات ورتا ته بي جي پي پارٽي جي گريراج سنگھ صحافي سوميش جھا کي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته “اسان عوام کي قوم دشمن عنصرن کان آگاهه ڪرڻ نڪتا آهيون“. گريراج سنگھ جو سڌو اشارو ڪنهيا ڪمار ڏانهن هئو. ڪنهيا ڪمار جنهن تي “آزادي“ جو نعرو هڻڻ تان اڳئي ئي اعتراض ٿيندا رهيا آهن ۽ هن وقت هو اعوام ۾ مقبوليت جي لاءِ سڌيءَ ريت عوام ۾ اندر موجود رهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو پِڻ هڪ سٺو سوڻ آهي. (جنهن پوءِ ان نعري جي وضاحت ڪندي چيو ته “غريب کي بک کان آزادي” ۽ “عوام کي مسئلن کان آزادي” ڏيارڻ سندس مراد هئي) هن وقت بيگوسراءِ تَڪ جو نوجوان ڪنهيا ڪمار جي اهڙن بهادراڻا، منفرد ۽ روشن خيال ڳالهين جي ڪري ڪنهيا ڪمار ڏانهن سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي.
ڊاڪٽر تنوير حسن جيڪو 40 سالن کان هندستان جي سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا پئي ڪري رهيو آهي، بيگوسِراءِ جي مسلمانن جو مضبوط نمائندو پِڻ آهي. ڊاڪٽر تنوير حسن 2014ع  واري چونڊن ۾ ٻئين نمبر تي سڀ کان وڌ ووٽ کنيا هئا ۽ 55 هزار ووٽن تان چونڊ هارائي هئائين ۽ هن دفعي ڊاڪٽر تنوير حسن جي ڪامباب ٿيڻ جا آثار نسبتن گھڻا محسوس ٿي رهيا آهن.
بِهار کي بي.جي.پي پارٽي جو مضبوط رياست سمجھيو ويندو آهن اِهو ئي سبب هئو ته 2014ع جي چونڊن ۾ بيگوسراءِ تَڪ تان بي.جي.پي جو اميدوار ڀولا سنگھ پهريون دفعو هِن تَڪ تان چونڊ وڙهيو ۽ لڳ ڀڳ 4.5 لک ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻيائين. ان کان اڳ ۾ بي.جي.پي پارٽي هن تَڪ تان ڪڏهن به ٻئين نمبر تي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي هئي پر هيءُ پهريون دفعو هئو جو ڀولا سنگھ هِن تَڪ تي ڪامياب ٿيو.
جيستائين بي.جي.پي پارٽي جي نمائندي گريراج سنگھ جو تعلق آهي ته هيءُ صاحب هِن تَڪ سان تعلق ته رکي ٿو پر چونڊ هميشه بهار جي “نوادا” تَڪ تان وڙهندو رهيو آهي.
هن دفعي گريراج سنگھ کي سندس خواهش مخالف بيگوسراءِ تَڪ جي ٽڪيٽ ڏني آهي جيڪا هيءُ وٺڻ نه پيو چاهي ۽ چاهي پيو ته هن کي واپس نوادا تَڪ جي ٽڪيٽ ملي.
هڪ تقريرَ ۾ ڪنهيا ڪمار گريراج سنگھ بابت عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪو ماڻهون هن تَڪ کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ته اوهان عوام اهڙي ماڻهونءَ کي ڪيئن ٿا قبو ڪري سگھو؟؟
بهرحال، هيءُ ته ٿيا مختلف اميدوارن جا هڪ ٻئي جي خلاف سياسي بيان ۽ تَڪ ۾ اليڪشن مهم سياسي بيانن جي شڪل ۾ مختصر صورتحال.
بيگوسراءِ تَڪ جي چونڊن جي سياست عام تَڪن کان مختلف سمجھي ويندو آهي اُهو ان ڪري ته هِن تڪ تي ساڳئي ئي وقت نظرئي، قوم، زات، طبقي ۽ مذهب جي سياست عروج تي هوندي آهي. خاص طور تي چونڊ مرحلي دوران هِنن سڀني شين جو خيال رکڻو پوندو آهي.
ان حوالي سان هيٺيون ڳالهيون غور طلب آهن.
1) هِن تَڪ ۾ ڀوميهار ذات جو سيڪڙو سڀني کان وڌيڪَ آهي جڏهن ته بي.جي.پي جو پارٽي ووٽ پِڻ هن تَڪ تي تمام گھڻو آهي.
2) گريراج سنگھ هِن تَڪ تي ذاتي ووٽ سواءِ بوميهار زات جي ٻين برادرين ۾ گھٽ رکي ٿو.
3) نوجوان ڪنهيا ڪمار جي پارٽي سي.پي.آئي 2014 جي اليڪشن ۾ فقط هڪ سيٽ حاصل ڪئي پر هن دفعي ڪنهيا ڪمار جي شخصيت جو اثر تَڪ جي عوام تي وڌيڪ نظر اچي ٿو. بقول ڊاڪٽر تنوير حسن جي هن دفعي هِن تَڪ تان ڪنهيا ڪمار جي کٽي اچڻ جا آثار وڌيڪ نظر اچن ٿا.
4) بين الاقوامي شهريت يافته نوجوان ڪنهيا ڪمار پنهنجي چونڊ مهم ۾ هن تَڪ جي مسلمان آباديءَ ۾ وڌيڪَ مقبول رهيو ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ڪميونسٽ خيال جو هجڻ جي ڪري مذهبي تضادن کان بالاتر ٿي سوچيندڙ آهي، جڏهن ته ڪنهيا ڪمار جي اليڪشن مهم هلائڻ جي لاءِ آيل هندستاني فلمساز، موسيڪار ۽ شاعر جاويد اختر پِڻ مسلمان آباديءَ کي متاثر ڪيو. ان کان علاوه جواهر لعل نهرو يونيورسٽي جي ثابقه شاگرد اڳواڻ شهلا راشد جو پِڻ ڪنها ڪمار جي چونڊ مهم لاءِ هِن تَڪ تي اچڻ مسلمان آباديءَ جي لاءِ ڪشش رکندڙ ڳالهه آهي.
5) بوميهار برادري جيڪا اعلي ذات جي برادري سمجھي ويندي آهي ۽ هن تَڪ ۾ 35 سيڪڙو اڪثريت بوميهار برادريءَ جي آهي. ڪنهيا ڪمار ذات پات واري فرق کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا ڳالهه هن اڪثريتي برادري ۾ پسند نه ٿي ڪئي وڃي.
6) ڪنهيا ڪمار ۽ ڊاڪٽر تنوير حسن هيءُ ٻئي ساڳئي جڳهه تي بي.جي.پي پارٽيءَ جا مخالف آهن ۽ سندس اليڪشن مهم ۾ اڪثر گريراج سنگھ جي مخالف ڪئي وئي. جيڪا ڳالهه ضرور به بي.جي.پي جي پارٽي ووٽ بينڪ کي متاثر ڪري ٿي.
7) ڪنهيا ڪمار پنهنجي اليڪشن مهم جيڪا ڪرائوڊ فنڊنگ جي وسيلي هلائي رهيو هو ان مهم ۾ هِن هڪ هفتي ۾ 70 لک رپيا سموري هندستان جي عوام مان حاصل ڪيا. جيڪا ڳالهه پِڻ ڪنهيا ڪمار کي هِن تَڪ تي مضبوط شخصيت طور متعارف ڪرائي ٿي.
8 ڪنهيا ڪمار جي اليڪشن مهم بغير ڪنهن وڏي ۽ ڪاروباري ماڻهونءَ جي هلي ۽ خود ڪنهيا مسلسل عوام سان گڏ روڊن رستن تي ويهي پنهنجي تشهير ڪئي. اهڙي طريقي سان هن تَڪ جي معاشي طور هيٺئين طبقي جي عوام جو مڪمل همدرديون ساڻس گڏ ڏسڻ ۾ آيون. ڪنهيا ڪمار جي علائقي جي هڪ رهاڪو يديگر سنگھ هڪ خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته مودي سرڪار اسان کي گھڻو ڪجھ ڏنو آهي ۽ جيڪر مودي هِن تَڪ تان پاڻ بيهي ها ته ضرور اسان جا ووٽ اُن کي هجن ها پر ڪنهيا ڪمار اسان جو ٻچو آهي ۽ اسان جھڙو آهي ان ڪري اسان سندس سان گڏ آهيون.
9) ڪنهيا ڪمار جي مڪمل مهم ۾ علائقي جا نوجوان تمام گھڻو سرگرم رهيا، جڏهن ته هِن جي مهم مڪمل طور تي نظم ۽ ضبط سان هئي. سندس مهم ۾ هندستان جي مشهور شاگرد اڳواڻن ۽ پارليامينٽ جي نوجوان ميمبر جگنيش ميواني جهڙين شخصيتن جي شرڪت علاقائي طور هِن جي پزيرائي کي وڌائيندي نظر آئي.
10) علاقائي عوام بي.جي.پي ۽ آر.جي.ڊي جهڙين ڏوهارين کي پناهه ڏيندڙ تنظيمن مان تنگ اچي چڪي آهي ۽ اهڙي ئي موقعي تي ڪنهيا ڪمار جهڙي نوجوان جو سامهون اچڻ ۽ تَڪ جي عوام ۾ 24 ڪلاڪ وچ ۾ رَهڻ ڪنهيا ڪمار جي ڪاميابي جي آثارن ۾ اضافعي جي علامت آهي.
11) ڪنهيا ڪمار جي اليڪشن مهم جي تمام گھڻي مخالف بي.جي.پي ۽ آر.جي.ڊي طرفان پئسه ۽ سياسي طاقت جي بنياد تي ٿي رَهي آهي. جيڪا ڳالهه ڪنهيا ڪمار جي پزيرائيءَ ۾ ايئن به مددگار ثابت ٿي رَهي آهي جو عام ماڻهون اهڙي صورتحال جي ڪري ڪنهيا ڪمار جي ويجھو اچي رهيو آهي.
12) تَڪ جي عوام ۾ اڪثريت هاري، مزدور ۽ محنت ڪَش طبقي جي آهي جن ۾ ڪنهيا ڪمار پنهنجي ڪميونسٽ نقطه نگاهه جي ڪري تمام گھڻو مقبول ٿي چڪو آهي.

هن تَڪ تي ووٽنگ 29 اپريل کان شروع ٿي جيڪا 4 مرحلن مان گذرندي مڪمل ٿي ۽ هاڻي 23 مئي تي هِن تَڪ جي عوام جو فيصلو اچڻ وارو آهي. مٿي بيان ڪيل سموري صورتحال مان اِهو واضح آهي ته نوجوان سياسي شاگرد اڳواڻ طور عالمي شهريت حاصل ڪندڙ ڪنهيا ڪمار هِنن چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان کٽيندو پَر سياست اهڙي شئي آهي جنهن ۾ آخري لمحي تائين به ڪجھ طئي ناهي هوندو. ڪنهيا ڪمار جو کٽڻ نه صرف هِن تَڪ پر سموري هندستان ۽ خطي جي سياست تي پِڻ گهرا اثر ڇڏيندو. ڪارپوريٽ فنڊ بماقبله ڪرائوڊ فنڊ جي هِن دنگل جو پهريون مرحلو ته ڪنهيا ڪمار کٽي ئي چڪو آهي سموري هندستان ۽ دنيا جو ڌيان پاڻ ۽ پنهنجي حڪمتِ عملي ڏانهن ڇڪائڻ جي صورت ۾. نوجوانن جي انداز سان سياست ۾ اچڻ ۽ ان کي نوان رخ ۽ لاڙا ڏيڻ تمام گھڻي خوش آئنده ڳالهه آهي.

Comments

Popular posts from this blog

مضمون ڪيئن لکجي؟

عالمي سياسي منظرنامو (جائزو)