Posts

Showing posts from February, 2021

پاڪستان انٽرنيٽ جي آزاداڻا استعمال جو حق غضب ڪندڙ ملڪن مان ھڪ ليکڪہ: رمشا جھانگير لکيل: نومبر 6، 2019 ترجمو: عامر عمراڻي

پاڪستان انٽرنيٽ جي آزاداڻا استعمال جو حق غضب ڪندڙ ملڪن مان ھڪ ليکڪہ: رمشا جھانگير لکيل: نومبر 6، 2019 ترجمو: عامر عمراڻي دَ فريڊم ھائوس، پاڪستان کي لڳاتار نَون (9) سالن تائين جي انٽرنيٽ جي استعمال جي حوالي سان ”غير آزاد ملڪ“ ڄاڻايو آھي، جڏھن تہ 2019 ۾ پاڪستان جو ملڪي اسڪور 100 مان 27 کان 26 تائين گهٽيو آھي. بين الاقوامي نظرداري جي اداري (دَ فريڊم ھائوس) ھن خميس تي سال 2019 جي لاءِ پنھنجي ”انٽرنيٽ جي استعمال جي آزادي“ (FoTN: Freedom on the Net) رپورٽ شايع ڪئي آھي، جنھن جو عنوان آھي ”سوشل ميڊيا جا بحران”، جنھن ۾ جون 2018 کان مئي 2019 تائين جي ”عالمي طور تي انٽرنيٽ جي استعمال جي آزادي“ ۾ آيل مجموعي گهٽتائي کي رڪارڊ ڪيو ويو آھي. ان (رپورٽ) ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ سڄي دنيا جي حڪومتن طرفان سوشل ميڊيا جي استعمال وسيلي چونڊن (اليڪشن) کي متاثر ڪرڻ، پنھنجي شھرين تي نظرداري ڪرڻ ۽ ٽئڪنالاجيءَ جي جديد استبداديت (Digital Authoritarianism)   ڏانھن جھڪاءُ کي وڌائڻ جو رجحان وڌندو پيو وڃي. ھن رپورٽ پاڪستان کي 100 مان 26 ھين نمبر تي رکيو آھي (جڏھن تہ 0 نمبر وارو ملڪ شديد خراب آھي) جيڪو گذريل س