پاڪستان انٽرنيٽ جي آزاداڻا استعمال جو حق غضب ڪندڙ ملڪن مان ھڪ ليکڪہ: رمشا جھانگير لکيل: نومبر 6، 2019 ترجمو: عامر عمراڻي

پاڪستان انٽرنيٽ جي آزاداڻا استعمال جو حق غضب ڪندڙ ملڪن مان ھڪ
ليکڪہ: رمشا جھانگير لکيل: نومبر 6، 2019
ترجمو: عامر عمراڻي


دَ فريڊم ھائوس، پاڪستان کي لڳاتار نَون (9) سالن تائين جي انٽرنيٽ جي استعمال جي حوالي سان ”غير آزاد ملڪ“ ڄاڻايو آھي، جڏھن تہ 2019 ۾ پاڪستان جو ملڪي اسڪور 100 مان 27 کان 26 تائين گهٽيو آھي.

بين الاقوامي نظرداري جي اداري (دَ فريڊم ھائوس) ھن خميس تي سال 2019 جي لاءِ پنھنجي ”انٽرنيٽ جي استعمال جي آزادي“ (FoTN: Freedom on the Net) رپورٽ شايع ڪئي آھي، جنھن جو عنوان آھي ”سوشل ميڊيا جا بحران”، جنھن ۾ جون 2018 کان مئي 2019 تائين جي ”عالمي طور تي انٽرنيٽ جي استعمال جي آزادي“ ۾ آيل مجموعي گهٽتائي کي رڪارڊ ڪيو ويو آھي.

ان (رپورٽ) ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ سڄي دنيا جي حڪومتن طرفان سوشل ميڊيا جي استعمال وسيلي چونڊن (اليڪشن) کي متاثر ڪرڻ، پنھنجي شھرين تي نظرداري ڪرڻ ۽ ٽئڪنالاجيءَ جي جديد استبداديت (Digital Authoritarianism)  ڏانھن جھڪاءُ کي وڌائڻ جو رجحان وڌندو پيو وڃي.

ھن رپورٽ پاڪستان کي 100 مان 26 ھين نمبر تي رکيو آھي (جڏھن تہ 0 نمبر وارو ملڪ شديد خراب آھي) جيڪو گذريل سال جي انگن کان ھڪ انگ گهٽ آھي. (يعني وڌيڪ خراب ڏانھن مترجم).

رسائي ۾ مشڪلات (Obstacles to Access) جي حوالي سان پاڪستان کي 25 مان 5 اسڪور ڏنو ويو آھي جڏھن تہ مواد جي حدبندي (Limits on contents) جي ڏس ۾ پاڪستان کي 35 مان 14 اسڪور ڏنو ويو آھي ۽ گيراڪن (صارفين) جي حقن جي ڀنڃڪڙي جي فھرست (Violation of user rights index) جي حوالي سان پاڪستان کي 40 مان 7 اسڪور ڏنو ويو آھي.

عالمي طور تي پاڪستان دنيا ۾ انٽرنيٽ جي استعمال ۽ جديد ميڊيا جي آزادي تي بندش جي حوالي سان ”ڏھن بدترين ملڪن“ ۾ شمار ٿئي ٿو جڏھن تہ علاقائي فھرست جي حوالي سان پاڪستان، ويٽنام ۽ چائنا کان پوءِ انٽرنيٽ جي استعمال ۽ جديد ميڊيا جي آزادي تي بندش جي حوالي سان ٽيون نمبر بدترين ملڪ ڄاڻايو ويو آھي.

انٽرنيٽ جي آزاداڻا استعمال کي روڪڻ کانسواءِ، هن رپورٽ وسيلي پاڪستان ۾ چونڊن (اليڪشن) کي ”معلوماتي حربن“ وسيلي متاثر ڪرڻ جهڙن عملن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جهڙوڪ شديد جانبدار مبصرن، بوٽس (*BOTS) يا خابرو ويبسائيٽن جي مربوط استعمال وسيلي غلط يا گمراهہ ڪندڙ مواد جي وڏي پئماني تي فهلاءَ ۽ ان سان گڏ تڪنيڪي حربن وسيلي مخصوص رابطن تي ڄاڻي واڻي بندش هڻڻ ۽ ويبسائيٽن کي بلاڪ ڪرڻ.

پاڪستان متعلق جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي اها ”ڊجيٽل رائيٽس فائونڊيشن“ طرفان لکي وئي آهي.

آر.ڊي.ايف جي ايگزيڪيوٽِو ڊائريڪٽر نگهت داد چيو ته؛ ” هن سال جو اسڪور هڪڙي کان پوءِ ايندڙ ٻئين حڪومتن جي ٿوري گهٽ مُدي وارين(Short-Term)  ۽ رجعت پسند پاليسين جو نتيجو آهي. سالن جي ظالماڻہ قانونسازي ۽ سيڙپڪاري وسيلي اظھارِ راءِ جي آزادي تي لڳايل بندشن جي ڪري ئي پاڪستان ۾ اھڙو ماحول جڙي چڪو آھي جنھن ۾ انٽرنيٽ وڌيڪ غير محفوظ ۽ گهٽ جامع بڻجي وئي آھي“.

رسائيءَ ۾ مشڪلاتون ­- (Obstacles to Access)

ڄاڻايل عرصي دوران انٽرنيٽ تائين رسائيءَ ۾ معمولي حد تائين واڌ درج ڪئي وئي آھي. پاڪستان ۾ 67 ملين (6 ڪروڙ 70 لک) براڊ بئنڊ  (Broadband)انٽرنيٽ ڪنيڪشن آھن جڏھن تہ آخري رپورٽ تائين ان ۾ 10 ملين (پنجاھُہ لک) جي واڌ ٿي آھي. بھرحال، اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي تہ ھاڻوڪي سالن ۾ ڏورانھن علائقن تائين حڪومت طرفان انٽرنيٽ جي رسائيءَ وارين ڪوششن ۾ بھتري آئي آھي.

ھِن رپورٽ ۾ اھو پڻ ڏٺو ويو آھي تہ اختياريون تحفظ جا معاملا ڄاڻائي اڪثر احتجاجي مظاھرن، چونڊن ۽ قومي ۽ مذھبي ڏِڻن (ڏينھن) تي موصلاتي ذريعن کي بند ڪري ڇڏين ٿيون. خاص طور تي 2018 جي عام چونڊن دوران، بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ۽ اڳوڻي وفاقي انتظام ھيٺ موجود قبائلي علاقن (اڳوڻو FATA، جيڪو ھاڻي خيبر پختونخواھہ سان انتظامي طور ڳنڍيو ويو آھي ‑ مترجم ) ۾ چونڊن ۽ چونڊن کان بعد تائين بہ موبائيل انٽرنيٽ سروس معطل رکي وئي.

مواد جي حدبندي ‑ (Limits on contents)

ھن رپورٽ مطابق اختياريون مخالف ۽ تنقيدي خيال رکندڙ صحافين ۽ ڪارڪنن کي ڪيترن ئي حربن وسيلي خاموش ڪرائڻ جون وڌي چڙھي ڪوششون ڪري چڪيون آھن. صارفين (انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ) کي آن لائين مذھب مخالف خيال پيش ڪرڻ جي نتيجي ۾ موت جو سزائون ٻڌايون ويون آھن جيتوڻيڪ سندن سزا جون درخواستون اڃا زيرِ غور ھيون.

ھن رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تہ، ”8 لک کان بہ وڌيڪ سياسي، سماجي ۽ مذھبي مواد رکندڙ ويبسائيٽن کي بلاڪ رکيو يو آھي جڏھن تہ پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA- Pakistan Telecommunication Authority ) غير واضح ۽ غير متعلقہ انداز ۾ آن لائين مواد تي پابندي پئي ھڻندي رھي آھي.“

وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي تہ رياست ۽ ٻيا عملدار پبلشرن ۽ ٻين مواد لکندڙن مٿان پوندڙ اضافي دٻاءَ کان بخوبي واقف ھئا تنھنڪري بہ اھڙي قسم جا واقعا منظرِ عام تي نہ اچي سگهيا.

اھو پِڻ ڏسڻ ۾ آيو تہ اڪثر آن لائين مبصرن کي مذھب، توحيد، سِول‑ملٽري تعلقات، علحدگي پسند تحريڪن ۽ عورتن ۽ اقليتن جي حقن جھڙن موضوعن تي لکڻ جي نتيجي ۾ سخت انفرادي پابندي کي منھن ڏيڻو پيو.

وڌيڪ ھن رپورٽ وسيلي اھو پڻ ڏٺو ويو تہ مربوط ۽ غير تصديق يافتہ اڪائونٽن طرفان آن لائين مواد کي متاثر ڪيو پئي ويو ۽ غلط ڄاڻ کي فھلايو پئي ويو. آن لائين صحافين ۽ ڪارڪنن جن فوج ۽ خفيہ ادارن تي ڪُرڙي اک پئي رکي انھن جو چوڻ آھي تہ اظھارِ راءِ جي آزادي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ رياستي سرپستي ۾ ”ٽرول آرميز (Troll Armies)“ کي استعمال ڪيو ٿو وڃي.

صارف (استعمال ڪندڙ) جي حقن جي ڀنڃڪڙي ‑ (Violation of user rights index)

مواد جي تحفظ جي قانون (Data Protection Law) جي مستقل اڻھوند جي ڪري، حڪومتي نگراني ۽ سوشل ميڊيا مٿان نظرداري جا معاملہ خاص طور تي سخت ڳڻتي جو باعث رھيا. رپورٽ ڄاڻايو آھي تہ صارفين (انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ) پنھنجي آن‑لائين سرگرمين جي ڪري اڪثر بليڪ ميلنگ، دھمان ۽ تشدد جو نشانو پئي بڻجندا رھيا آھن.

ھن رپورٽ وسيلي 15 ملڪن جي جاچ ڪئي وئي جن مان 13 ملڪن وٽ سماجي ميڊيا مٿان نظرداري جا منصوبا ھلي رھيا آھن ۽ ڪن ۾ تياريءَ ھيٺ آھن. ھن رپورٽ ظاھر ڪيو آھي تہ پاڪستاني حڪومت طرفان ھن سال جي فيبروري مھيني ۾ سوشل ميڊيا جي نگراني کي وڌايو ويو آھي ۽ ملڪ مخالف مواد، نفرت انگيز مواد ۽ انتھاپسندي کي نشانو بڻائڻ لاءِ ھڪ نئون نظام پڻ متعارف ڪرايو ويو آھي.

 

 

عالمي تنزل  (Global Decline)

گذريل سال جون مھيني کان جن 65 مان 33 ملڪن جو ”انٽرنيٽ تي آزادي” (FoTN: Freedom on the Net) تحت جائزو ورتو ويو، انھن ۾ انٽرنيٽ جي استعمال جي آزادي ۾ روڪ محسوس ڪئي وئي ھئي.

”ڪيتريون ئي حڪومتون ھاڻي محسوس ڪن ٿيون تہ سوشل ميڊيا تي مخصوص پابندي (مخصوص مواد تي بندش) کان تشھير (مخصوص خيالن جي واويلا (Propaganda)) وڌيڪ ڪارائتي آھي،“ اھو چوڻ ھو فريڊم ھائوس جي صدر مائيڪ ابرامووِز جو.

ھن رپورٽ ۾ تحقيق ھيٺ آيل 65 ملڪن مان 38 ملڪن ۾ اھو ڏٺو ويو تہ اڪثر سياسي جماعتن جا اڳواڻ خفيہ طور فردن کان معاوضي (پئسن) عيوض آن لائين خيالن جا رخ تبديل ڪرائڻ ۽ مخالفن کي خوفزدھ ڪرڻ جو ڪم وٺن ٿا. غلط يا ڪوڙي معلومات (Disinformation) ان ڏس ۾ عام طور استعمال ٿيندڙ حربو آھي.

ھيءَ خبر انگريزي ڊان اخبار ۾ نومبر 6، 2019 تي ڇپي ھئي.

________________________________________
*
Internet BOTS يا بوٽس   يا ويب روبوٽس (Web Robots) انٽرنيٽ جا ھڪڙي قسم جا خودرو روبوٽ پروگرام ھوندا آھن، جيئن ھڪ روبوٽ، ھڪڙي ڳالھہ ذھن ۾ فٽ ڪري پوءِ اھو ساڳيو ڪم ھر ھر پيو دھرائيندو آھي، ايئن ئي ھي بوٽس بہ آن لائين، انٽرنيٽ ھلائيندڙ کان ھدايتون وٺي پوءِ بغير ڪنھن انساني مدد پنھنجو پاڻ اھو ڪم ھر ھر پيا ڪندا رھندا آھن يا جيترا دفعا ڪرڻ جي ان وٽ ھدايت  (Command)ھوندي  (مترجم).


Comments

Popular posts from this blog

مضمون ڪيئن لکجي؟

عالمي سياسي منظرنامو (جائزو)