وُو ھُوان، يوڪرين جي ھڪ سيف ھائوس ۾ ورتل انٽَرويو ۾ ڳالھائي ٿي.



واشنگٽَن پوسٽ: اداريو
22 آگسٽ 2021

 

ترجمو: عامر عمراڻي

 

چائنہ جا اُويغَر (Uyghurs) نسل جا رھاڪو، پنھنجي ئي اباڻي ملڪَ ۾ پاڻَ مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر کان بچڻ لاءِ رڙيون ڪندا رھن ٿا. حراستي ڪيمپن (ٽارچر سيلَن) ۾ قيد، اذيت ۽ تَشدد، چائنہ جي صوبي سنڪيانگ جي مغربي علائقَن کي گھيريو ويٺو آھي. جَجهي تعداد ۾ ملندڙ ثبوتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ نہ پسند ڪئي ويندڙ اقليت (اُويغَر مسلمان) ۽ متاثر نقادَ، جيڪي چين ملڪ کان ٻاھر وڃڻ ۾ ڪنھن طريقي سان ڪامياب ٿي وَڃن ٿا، اُھي بہ چين جي وحشياڻا رسائي کان بچيل ناھن.

وُو ھُوان، چيني حڪومت جي ھڪ مخالف ۽ باغيءَ جي مڱيندِي، جيڪا سماجي رابطن جي ويبسائيٽ تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪرڻ جي ڪَري حڪومت کي گهُربل ھئي، سا چين مان پاڻ بچائي دبئي پھتي. اُن جو چَوڻ آھي تہ دُبئي پوليس اُن کي 27 مئي تي گرفتار ڪيو ۽ اُن کي دُبئي ۾ چيني حڪومت جي ھڪ خُفيہ زندان خاني ۾ موڪليو، جتي ھن کي 8 ڏينھن لاءِ رکيو ويو. ھڪ چيني آفيسر ھن کي چيو تہ ھوءَ ھاڻي ڪڏھن بہ آزاد نہ ٿيندي. جنھن جي جوابَ ۾، محترمہ وُو جو چوڻ آھي تہ ھُن پنھنجي آزاديءَ جي لاءِ روئڻ، رڙيون ڪرڻ ۽ ماني کائڻ کان انڪار ڪرڻ شروع ڪيو. بلآخر، چيني حراستي ڪئمپ جي آفيسرن ھِن کي ھڪ قانوني ڪاغذ صحيح ڪرڻ تي مجبور ڪيو جنھن مطابق سندس مڱيندي کي ڏوھي قرار ڏنو ويو ھو.

مخصوص ظاھري بيھڪ ۽ لھجي جي بنياد تي، ھِن دعويٰ ڪئي تہ اُتي موجود ٻيا قيدي اُويغَر ھئا. جِن مان ھڪَ رڙ ڪئي تہ ”آئون واپس چائنہ وڃڻ نہ ٿو چاھيان، آئون تُرڪي وڃڻ چاھيان ٿو“. جتي ڪيترائي اُويغَر، پناھگيرن طور موجود آھن. اسوسيئيٽيڊ پريس (Associated Press) مطابق، جيڪڏھن محترمہ وُو جي ڳالھ درست آھي ۽ جيئن ھي اھم ثبوت ٻُڌائين ٿا، تہ ھي چين طرفان ”برآمد شدہ خفيہ جيلن“ جو پھريون مشھور مثال آھي _ خفيہ جيل، جتي ڪنھن کي بغير ڏوھہ جي يا صفائي ڏئي سگهڻ جي حق کان محروم، قيد رکيو وڃي ٿو.

بھرحال، ھي پھريون دفعو ناھي جو متحدہ عرب امارات  (دُبئي)، چين جي لاءِ اھڙو گَھٽيا ڪَم ڪيو ھجي. 2018 ۾ اِماراتي پوليس ھڪ اُويغَر چينيءَ عَبُد جِليلي سُپي کي، دُبئي جي ھڪ پوليس اسٽيشَن گُھمڻ دوران حراست ۾ ورتو جڏھن ھو اُتان ڪي انگ اکر گڏ ڪري رھيو ھو. تڏَھن کان اڄ تائين اُن کي ٻيھر ناھي ڏٺو ويو. 2017 پُڄاڻا ۽ 2018 جي شروعات ۾ دُبئي پوليس گهٽ ۾ گهٽ 5 اُويغَر چينين کي گرفتار ڪيو ۽ ملڪَ کان ٻاھر ڪڍي، اُن ملڪ جي ھٿن ۾ ڏنو، جنھن مٿان يقيني طور ھِن مسلمان اقليت جي نسل ڪَشِيءَ جو الزام آھي.

ھي سموريون گرفتاريون، چين طرفان يوغُر مسلمانن کي ھراسان ڪرڻ، حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي ماٺ ڪرائڻ ۽ اُنھن کي پنھنجي ملڪ واپس موڪلڻ جي وسيع ڪوششن جو حصو آھن، جيڪي چيني حڪومت جي خوفَ کان ملڪ کان ٻاھر بچي نڪتا آھن. 2017 جي شروعات ۾ چيني اختيارين، ملڪ کان ٻاھر رھندڙ يُوغَر نسل جي ماڻھن کي واپس چين اچڻ جو چيو؛ انھن مان ڪيترن ئي، جن چيني اختيارين جي ڳالھ مڃي، فريڊَم ھائوس جي رپورٽ مطابق اھي چيني زندان خانن ۾ قيد 10 لک ماڻھن مان ھِڪ ٿي ويا. چيني اختيارين انھن ماڻھن کي نشانو بڻايو آھي جيڪي يا واپس ناھن آيا يا وري ملڪ کان ٻاھر ڀڄي ٿي ويا. فقط اڪيلي ٿائلينڊ ملڪ ئي، بيجِنگ (چين جي راڄڌاني) جي درخواست تي، 100 کان مٿي اُويغَر نسل جي ماڻھن کي پڪڙي واپس چين موڪليو آھي ۽ صحافين کي چيني اختيارين جي حوالي ڪيو آھي. مصر پِڻ سوين ماڻھن کي گرفتار ڪري قيد ڪيو آھي.

چين پنھنجي بيلٽ اينڊ روڊ (OBOR = One Belt one Road Initiative) منصوبي وسيلي، متحدہ عرب امارات (دُبئي) ۾ ترقي جي ڪيترن ئي پراجيڪٽَن ۾ 36 بِليَن ڊالر (61 کربَ، 81 اَربَ، 50 ڪروڙ، 61 لَکَ، 48 ھزار ۽ 405 پاڪستاني رُپيا) جي سيڙَپڪاري ڪري چڪو آھي ۽ ٻنھين ملڪن جو پاڻ ۾ مستحڪم سياسي ڳانڍاپو آھي. بدلي ۾، محترمہ وُو جي الزامَن مطابق تہ دُبئي نہ صرف انھي ماڻھن کي چين جي حوالي ڪري ٿي، جيڪي چين کي گهُربل آھن بلڪہ چيني اھلڪارن کي پنھنجي زمين تي خُفيہ حراستي ڪيمپون ھلائڻ جي اجازت پِڻ ڏئي رھي آھي.

  اقليتن ۽ نقادَن کي پنھنجي ملڪ ۾ ھراسان ڪرڻ جي باوجود بہ غير مطعمن چين، ھاڻي پنھنجو جَبر ۽ وھشَت اُنھن ملڪن تائين بہ پھچائي رھيو آھي جيڪي ”نہ“ ڪرڻ جي سگهہ يا ارادي کان محروم آھن. اِھي ملڪ چين جي انساني حقن جي اِنتھائي خلاف ورزي ۾ حصو وَٺن ٿا. ھي ھڪ اھڙو اخلاقي داغ آھي، جنھن کي بيجِنگ جي ڪنھن بہ قسم جي ترقيءَ لاءِ سيڙَپڪاري يا خير سگالي سان ڌوئي نہ ٿو سَگھجي. حقيقي طور پريشان ملڪَن کي اھڙن عملن خلاف يڪجَھتي کي مضبوط ڪرڻ گهرجي ۽ اھڙي غير قانوني لعنت جي خلاف مخالفت کي فروغ ڏيڻ گهرجي.

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

مضمون ڪيئن لکجي؟

عالمي سياسي منظرنامو (جائزو)