مضمون ڪيئن لکجي؟

اسان پنهنجي تعليمي ادارن، دوستن ۽ مختلف سياسي سماجي حلقن ۾ هيءُ لفظ مضمون ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون ۽ فطري آهي جو اُن متعلق اسان جي ذهن ۾ بيشمار سوال به اٿندا هوندا. جيڪڏهن اسان مضمون کي هڪڙي سِٽ جي وصف يا تشريح ۾ بيان ڪريون ته مضمون لکت يا تحريرَ جو اُهو قسم يا وسيلو آهي جنهن ذريعي ليکڪ پنهنجي چونڊيل موضوع تي پڙهندڙ جو ڌيان تحقيقي دليلن جي روشني ۾ ڇڪرائي ٿو ۽ پڙهندڙ کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏ سوچڻ تي پِڻ آماده ڪري ٿو.
مضمون ادب جي هڪ اهم صنف يا قسم آهي. پنهنجي خيالن کي پڙهندڙ تائين هڪ منظم طريقي سان لکت جي صورت ۾ پهچائڻ جو اعليٰ ۽ اثرائتو ذريعو آهي. مضمون ان مسلسل تحرير کي چئجي ٿو جيڪا ڪنهن هڪ ئي موضوع تي مبني هُجڻ جي باوجود اُن موضوع جي مقابلي ۾ موجود ٻين موضوعن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ، تضادن ۽ اندروني لاڳاپن متعلق بحث ۽ تحقيق تي مشتمل به هُجي ۽ ساڳئي ئي جڳهه تي ليکڪ جو عقلي ۽ علمي پهچ تحت حاصل ڪيل نتيجو به ان لکت ۾ شامل هُجي. مطلب ته مضمون، تحرير جي صورت ۾ هڪ نتيجا خيز بحث آهي.
هتي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه جي مضمون جي موضوع تي لکيل هڪ مقالي جو اقتباس پيش ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو جنهن مونکي تمام گھڻو متاثر ڪيو.
(مضمون جي صنف جي نثري ادب ۾ هڪ مڃيل حيثيت ۽ اهميت آهي. مضمون عربي ٻوليءَ جي لفظ ضمن مان ورتل آهي. ضمن يا ارادو ڪيل، گڏ ڪرڻ ۽ آڻڻ جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. مضمون ڪنهن خارجي موضوع تي داخلي ڪيفيت جي ترجماني هڪ ڪوشش جي صورت ۾ آهي. جنهن ۾ مضمون نگار جي اهليت، ذهانت، جذباتي، احساساتي لڳاءُ ۽ فڪر انهيءَ موضوع جي باري ۾ ظاهر ٿين ٿا.)
مضمون نگاري جي اهميت:
مضمون نگاري يا مضمون لکڻ جو هنر خاص طور تي شاگردن جي لاءِ ۽ ان سان گڏ ادب، علم، سياست، سائنس ۽ سماج جو مشاهدو ڪندڙ فردن جي لاءِ نهايت اهم آهي. هڪ شاگرد جي لاءِ مضمون نگاري جي هُنر جي اهميت سَنَد (ڊگري) حاصل ڪرڻ کان ويندي ٻين ڪيترن ئي چٽا ڀيٽي (ڪميشن) وارن امتحانن جي ڏس ۾ افاديت جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي. موجوده دورَ ۾ سنڌ توڙي پاڪستان ۾ ٿيندڙ چٽا ڀيٽي (ڪميشن) جي امتحانن ۾ مضمون نگاري جو هڪ الگ موضوع يا پيپر هُجڻ ڪري به مضمون نگاري جي اهم هجڻ کان علاوه شاگردن لاءِ موضوعن کي ويجھو کان پڙهڻ، سمجھڻ، تجزياتي مهارت سان موضوعن جي منطقي ڳانڍاپي ۽ انهن جو گهرائيءَ سان مشاهدو ڪرڻ جي لاءِ مضمون نگاري جي مهارت تمام گھڻي ڪارائتي ۽ مددگار ثابت ٿئي ٿي ۽ شاگرد کي پنهنجي معاشي مستقبل (ڪيريئر) کي شاندار بڻائي بهتر ذاتي زندگي گذارڻ جي حدف تائين پهچ ۾ اڳڀرو ڪري ٿي.
مضمون نگاري ادب، علم، سياست، سائنس ۽ سماج جو مشاهدو ڪندڙ عام فردن يا خاص طور تي سياسي، سماجي ڪارڪنن جي لاءِ پنهنجي مشاهدي کي مدلل ۽ تحقيقي مرحلن ۾ داخل ڪرڻ جو وسيلو پڻ ثابت ٿي سگھي ٿي. بشرط ته مضمون نگاري جي سمورن اصولن ۽ ضابطن کي ڌيان ۾ رکجي. تفصيل کان قطه نظر، مضمون نگاري جي مهارت لکندڙ هر فرد جي لاءِ ايتري ضروري آهي جيترا سندس لاءِ پنهنجا خيال ۽ مشاهدا ضروري آهن. ايئن چوڻ ۾ ڪوبه واڌارو نه هوندو ته مضمون نگاري جي بنيادي اصولن کي سمجھڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ کان سواءِ لکيل نالي ماتر مضمون نه صرف ليکڪ جي منجھيل خيالن ۽ مشاهدن کي سلجھاءَ کان محروم رکندو پَر پَڙهندڙ کي پِڻ ليکڪ جي خيالن کان ڪوهين ڏور بيهاري ڇڏيندو. جنهن جي ڪري پوءِ لکڻ ۽ پڙهڻ جا سمورا سبب بيجان ٿي ويندا.
مضمون نگاري جي افاديت:
مضمون نگاري سموري دنيا ۾ نون خيالن جي پيدائش جي لحاظ کان هِن وقت سموري عالمي سياست، معيشيت ۽ سائنس جي ميدانن تي پنهنجي افاديت کي مڃرائي چڪي آهي. بهترين مضمون نگاري جي مهارت وسيلي جمهوري قدرن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ سماج ۾ موجود سياست ۽ سائنس مخالف، منطق جي دشمن، تقليد ۽ فرسوده دقيانويس عقيدن جي خيالي ڌٻڻ ۾ فاٿل انسان دشمن عنصرن جي صديون پُراڻن خيالن، ريتن رسمن ۽ سرمائيداري جي بدترين ايجاد لبرلزم جهڙن تباهي وارن خيالن جو سخت مقابلو ڪَري سگھجي ٿو. مضمون نگاري هر لکندڙ وٽ هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن وسيلي وطن ۽ قوم دشمن رجعتي خيالن کي ٻُنڊو ڏئي سماج اندر ترقيءَ ۽ ارتقا لاءِ نوان جذبا ۽ خود اعتمادي پيدا ڪري سگھجي ٿي. ان کان علاوه نوجوانن جي مضمون نگاري سان واقفيت ۽ شناسائي مستقبِل ۾ اظهارِ راءِ جي آزادي تي سخت ترين پابندي وارن ايندڙ دورن ۾ پنهنجي قوم ۽ ماڻهن ۾ حالتن جي گھرائي سان جائزن ۽ منطقي دليلن جي صورت ۾ اهم راءِ عامه جي تعمير ۾ نهايت فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿي.
مضمون ڪيئن لکجي ۽ ان جا حصه:
عام طور تي مضمون کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو 1) موضوع جو تعارف 2) خيال، مدلل بحث ۽ تحقيقي حوالا 3) موضوع تي ٿيل بحث ۽ تحقيق جو خلاصو يا نتيجو. پر نون دوستن جي سمجھڻ جي لاءِ مان مضمون جي انهن ٽن حصن کي پنجن حصن ۾ ورهايان ٿو جيئن دوستن کي سمجھڻ ۾ آساني ٿئي.
1- موضوع جو تعارف
2- موضوع جو گهرائيءَ سان جائزو
3- ذاتي خيال ۽ بحث جا سبب
4- تحقيق ۽ منطقي دليل
5- نچوڙ، نتيجو ۽ تَتُ
مٿي ڄاڻايل مضمون جي پنجن حصن مان پهرئين ٻن ۽ اُن کان پوءِ وارن ٻِن حصن مطلب ته 1 ۽ 2 جو پاڻ ۾ ۽ 3 ۽ 4 جو پاڻ ۾ اندروني لاڳاپو رَهي ٿو.
مضمون جي پهرئين ٻِن حصن ۾ سڀ کان پهرئين اسان پنهنجي کنيل موضوع جو تعارف ڏينداسين ۽ پوءِ تعارف واري مرحلي مان ٽُپي اُن موضوع جو گهرائيءَ سان جائزو پِڻ وٺنداسين جنهن مان اسان جي اهڙي موضوع کي چونڊ ڪرڻ جو مقصد ظاهر ٿيندو ته جيئن پڙهندڙ جي دلچسپي ۽ غور ٻئي مضمون جي طئي ڪيل دائري ۾ اچي وڃن. مضمون جو هيءُ حصو سموري مضمون ۾ تمام گھڻي اهميت رَکي ٿو تنهن ڪري جملن جي چونڊ غير تڪراري ۽ موضوع جي حدن کان ٻاهر نه هئڻ گھرجي.
مضمون جي ٻئين حصي ۾ مطلب 3 ۽ 4 نمبر ۾ اسان موضوع تي بحث جي سببن کي ذاتي راءِ سان بيان ڪرڻ کان پوءِ اُن بحث کي تحقيقَ ۽ منطقي دليلن جي دائري ۾ داخل ڪنداسون مطلب حصي نمبر 4 ۾. ڌيان رَهي ته خاص طور تي هِن حصي ۾ موضوع تان هَٽي وڃڻ جا وڌيڪ خدشا موجود هُجن ٿا. اسان ٽيڪنالاجي جي جنهن دور ۾ رَهون ٿا اُن دورَ ۾ ڪنهن به حوالي يا تحقيق جي تصديق ڪجھ لمحن ۾ ئي ٿي سگھي ٿي اُن ڪري مضمونَ کي معياري، خوبصورت ۽ بااعتماد بنائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته حوالا ۽ تحقيقَ جو معيار موضوع ۽ بحث يا اعتراز (جيڪڏهن آهن ته) جي مد مقابل بيهارجي.
۽ هاڻي آخر ۾ تَتُ، نتيجو يا نچوڙ وارو خاص حصو جيڪو اوهان جي علم و عقل جي عڪاسي ڪندو ۽ اوهان کي پنهنجي عقلي مهارت جو مظاهرو ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏيندو. مضمون جي هِن حصي ۾ مٿي ٿيل سموري بحث، دليلن، تحقيقن ۽ قابِل تصديق حوالن جي پيشِ نظر ليکڪ کي پنهنجي طبع زاد راءِ جي اظهار جو موقعو ڏئي ٿو جنهن وسيلي ليکڪ پڙهندڙ جي دماغ تي پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏي سگھي ٿو.
مضمون ڪيترن ئي قسمن ۽ مزاجن جا ٿين ٿا، مضمون جو مزاج سنجيده يا مزاحيا به ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه مضمون ۾ منظر ڪَشي جي مهارت تخليقَ جي ميدان ۾ پنهنجي مَٽ پاڻ آهي. جيئن مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته مضمون نگاري ليکڪ جي مشاهداتي اک جي روشني ۾ غير يقيني حد تائين اضافعو ڪري ٿي. ليکڪن جي اڪثريت اڪيلي ويهي ڪنهن مخصوص موضوع يا شئي تي مسلسل سوچڻ جي سگھ کان محروم هوندي آهي، اِهو هڪ تمام ڏکيو مرحلو آهي. پر جيڪي ليکڪ تخيُل جو تَر جهاڳي لهن ٿا انهن جا ليکَ صدين جون صدائو ۽ انهن جي سِر جون صدائون شاهڪار سُرن جي رنگينن ۾ رنگجي وڃن ٿيون. مضمون لکڻ وقت هِنن چار مهارتن تي پورو لهَڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
1- معيار ۽ مقدار جو توازن
2- تخليق
3- پيشه وراڻا مهارت
1) مضمون جي موضوع تي خيالن ۽ تحقيق لاءِ معيار ۽ مقدار جي توازن جو هُجڻ تمام گھڻو لازمي آهي ته جنهن وسيلي ليکڪ کي پنهنجي ڄاڻ ۽ سمجھَ جي قوت جو تجزيو ڪرڻ ۾ آساني ٿيڻ سان گڏ دليلن جي چونڊ ڪرڻ ۾ به تڪليف پيش ڪونه ايندي. آسان لفظن ۾ ته جڏهن اوهان وٽ هڪ معياري دليل موجود آهي پَر اُهو مضمون جي ڊيگھ ويڪر جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي بجاءِ وڌائي ٿو ته اهڙي جڳهه تي خيالن کي متوازن ڪرڻ جي لاءِ ۽ ڊيگھ ويڪر جي خال کي به پورو ڪرڻ جي لاءِ ذهن ٺاهِي سگھجي ٿو جنهن سان بحث ۽ تعارف وارن حصن کي برابر ڪري پڙهندڙ جي دلچسپي ۽ ڌيان کي هٽڻ کان بچائي سگھجي ٿو.
2) تخليق جي حوالي سان مضمون نگاري اوهان کي پنهنجي سوچ جي گهرائي سان ڇنڊ ڇاڻ ۽ سمجھ جو موقعي ڏئي ٿي ۽ گڏوگڏ اوهان ۾ رابطي جي مهارتن کي پِڻ اجاگر ڪري ٿي. مضمون لکڻ دوران اوهان پنهنجي ڳالهه کي موضوع جي مناسبت سان اوهان جنهن اعليٰ تخليق جي وسيلي پڙهندڙ جي دِل ۽ ارادي جي متاثر ڪريو ٿا اُها تخليق اوهان جي ذهني سرگرميءَ يا سوچ جي عمل جو اعليٰ ترين نمونو ٿي نه صرف پڙهندڙ پر خود مضمون لکندڙ آڏو به نمودار ٿئي ٿي.
3) توازن ۽ تخليق سان گڏوگڏ مضمون جي سمورن حصن ۽ پاسن کي اوهان جي پيشه وراڻا ڌيان، دلچسپي ۽ مهارت جي سخت ضرورت هوندي آهي. هِن نقطي تي ئي اوهان جي سموري مضمون جي ڪارپت ۽ تاثير منحصر هجي ٿي.
آخر ۾ اچو ته هڪ سٺي مضمون ۾ ڇا هُجڻ ۽ ڇا نه هُجڻ گھرجي..
1) سٺي مضمون جي بيشمار خاصتين مان هڪ خاصيتن هيءَ به هُجي ٿي ته ليکڪ، پڙهندڙ کي مضمون جي روح يا جوهر (ٻين لفظن ۾ مقصد) تائين ڪيئن ٿو رسائي. اڪثر حالتن ۾ پڙهندڙ مضمون جي جوهر کي سمجھڻ کان اڳ کي مضمون ڏانهن پنهنجي بيزاري جو مظاهرو ڪري ڇڏيندو آهي ان جو بنيادي سبب مضمون جي اجائي ڊيگھ ۽ جوهر تائين رسائيءَ جو وارو طويل مرحلو هُجي ٿو جنهن ۾ غير ضروري ۽ تمام ويڪرا حوالا يا وصفون پيش ڪيون وڃن ٿيون. جيڪا شئي مضمون جي شڪل بگاڙي ڇڏي ٿي. پنهنجي خيال کي مختصر، لاڳاپيل ۽ منطقي رکڻ سان اهڙي اهڙي صورتحال پيش نه ايندي.
2) مختصر مان قطعي به اِها مراد ناهي تي خيالن ۾ وٿي آڻي وجھجي. خيالن کي مختصر ڪرڻ جي ڪري اوهان جي مضمون جي خوبصورتي ختم نه ٿيندي پَر خيالن ۽ دليلن جي وٿي مضمون کي مختصر هُجڻ جي باوجود به بي معنيٰ بڻائي سگھي ٿي.
3) هر جملي کي معنيٰ خير، پُر مطلب ۽ هلندڙ بحث سان متوازن ڪري بيهارڻ تمام گھڻو لازمي آهي. هڪ سُٺي مضمون ۾ اوهان کي هر جملو اهم ۽ ضرورت آهر محسوس ٿيندو.
4) اجائي ۽ هيڪاندي ڄاڻ مضمون کي پُر ڪشش بنائڻ بجاءِ مضمون جي خوبصورتي کي سخت متاثر ڪري سگھي ٿي ۽ اهڙي صورت ۾ پڙهندڙ جي ڌيان ۽ دلچسپي کي مضمون جي جوهر سان ڳنڍي رَکڻ تمام مشڪل ٿيو پوي ٿو.
5) هڪ سٺي مضمون جي لاءِ شين کي مخصتر انداز ۾ کولي سمجھائڻ سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ اٿندڙ اڪثر سوالن جي سمجھاڻي ڏئي سگھجي ٿي. هڪ سُٺو مضمون نگار کي پنهنجي موضوع ٿي اٿندڙ امڪاني سوالن جي تعداد کي گھٽ ڪرڻ جي ۽ مضمون کي آساني سان سمجھ ۾ اچي ويندڙ بنائڻ جي لاءِ هِن نقطي تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ گھرجي.
مضمون پنهنجي داخليت (اندر، جوهر يا مقصد ۾) ۾ وضاحتي، تجزياتي، تخليقي، تنقيدي، اتساهيندڙ، بادليل بيانئي، تحقيقي يا ڪنهن موقف، شخصيت ۽ حالت کي اجاگر ڪندڙ ٿين ٿا. اُن ڪري موضوع جي چونڊ جو مزاج اوهان جي مضمون جي توقعات ۽ گھرجن کي پاڻ سان گڏ کنيو اچي. جِن جي پوراءَ لاءِ مٿي ڄاڻايل سمورين شين جيڪڏهن اسان پنهنجي علمي ۽ تخليقي مهارتن سان هڪ هنڌ بنا ڪنهن اجائي ڊيگھ ويڪر جي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ٿا ته اُن مضمون جي خوبصورتي لاثاني ۽ لافاني بڻجي پوي ٿي.
اسان وٽ اڄ جي دور ۾ نوجوان لکڻ کا ڪيٻائي ٿو جنهن جي ڪَري سندس گھرائي سان پَرک واريون سموريون توانايون تباهه ٿيندي پنهنجي اک سان ويٺا ڏسون. اُن ڪري آخر ۾ مان پنهنجي مضمون جي پُڄاڻي نوجوانن آڏو اِن درخواست تي ڪَرڻ تي مجبور آهيان ته سنڌ جو هَر پڙهيو لکيو نوجوان هوند مضمون نگاريءَ ڏانهن پنهنجي من کي مائل ڪري ته سنڌ اندر تحقيقي ۽ لڇندڙ ذهنن جي اڻاٺ گھڻي قدر گھٽ ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته تحقيق ڏانهن ويندڙ رستو به مضمون نگاريءَ کان ٿي گذري ٿو جڏهن ته سٺي مضمون نگاري جي مهارت کان وانجھيل تحقيق، خود هڪ محقق جي محتاج هميشه رهي ٿي. ڇاڪاڻ ته عام فهم ماڻهو
 اُن کي سمجھڻ ۽ پرکڻ کان هميشه قاصر رَهي ٿو


ليکڪ: عامر عمراڻي

هيءُ ليک تاريخ 21 آگسٽ 2018 تي لکيو ويو.

Comments

Popular posts from this blog

عالمي سياسي منظرنامو (جائزو)