عالمي سياسي منظرنامو (جائزو)


سائيم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪَرين.

عالمگيريت، ڪير مڃي يا نه مڃي عالمگيريت هڪ حقيقت آهي. اسان هن وشال دنيا جا سمورا ماڻهون هاڻي هڪ ٻئي سان مڪمل طور تي ڳنڍيل آهيون. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٿيندڙ ڪابه تبديلي اسان تي ضرور اثر ڇڏي ٿي يا اسان ويجھو رونما ٿيندر سموريون تبديليون دنيا کي به متاثر ڪن ٿيون.
هن وقت دنيا جي اندر ڪجھ ئي اهڙا ملڪ آهن جن کي عام طور تي دنيا جا اڳواڻ ملڪ سڏيو ويندو آهي انهن مان اهم آمريڪا، روس، چائنا، برطانيا آهن جيڪي پنهنجي ارد گرد ملڪن تي تمام گھڻو اثر ڇڏين ٿا. خاص طور تي ٻئين عالمي جنگ کان پوءِ ۽ سرد جنگ واري دور تائين سموري دنيا به ڳالهيون بخوبي سمجھي چڪي هُئي هڪ ته هاڻي عالمي ستح تي طاقت جو توازن تبديل ٿيڻ وڃي پيو ۽ ٻيو ته اُن تبديلي ۾ وڌيڪ حصو اقتصاديات يا معيشيت ڳنڍيندي ۽ ايئن ئي دنيا جي سمورن سگھارن ملڪن بشمول هندستان پنهنجي معيشيت مضبوط ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ڪيو. جنهن وقت اهڙو ئي سوچ ويچار دنيا جي اندر هَليو پئي اُن وقت پاڪستان ائٽم بم جي تجربي جون تياريون پئي ڪيون ۽ تازو ئي افغان جنگ ۾ آمريڪا جي پِراڪسي واري اهم ملازمت کان فارغ ٿيو هئو. ساڳئي ئي دور ۾ دنيا جي ملڪن پنهنجي معيشيت کي مضبوط ۽ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ڪيترا ئي اتحاد پئي جوڙيا يا اڳي جڙيل اتحادن کي وري منظم ۽ مضبوط ڪرڻ جو پئي سوچيو ۽ انهيءَ ڏس ۾ ”گيٽ: ٽيرف ۽ ٽيڪسن جو عام معاهدو“ نالي هڪ پُراڻي واپاري معاهدي کي ختم ڪري ”ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن: عالمي واپاري تنظيم“ نالي 1995 ۾ هڪ نئون اتحاد ٺاهيو وَيو ڇاڪاڻ ته اصولن، قانونن، اجازتنامن ۽ طئي ٿيل طريقن تحت ٿيندڙ ڪاروبار عالمي تضادن کي گھٽائڻ سان گڏ دنيا جي سمورن ملڪن کي آزادي سان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ راهه مهيا پئي ڪَئي..
ساڳئي ئي طريقي سان دنيا جا ملڪ پنهنجي ڪاروباري آسانين جي لاءِ اهڙن اتحادن جو بنياد وجھڻ ۽ انهن ۾ شامل ٿيڻ کي اهميت ڏيندا پئي رَهيا اُن ڏس ۾ آئي.ايم.ايف، يو.اين.سي.ٽي.اي.ڊي ۽ ان کان علاوه ڪيتريون ئي ٻيون ننڍيو وڏيون ڪاروباري تنظيِمون موجود آهن. مطلب ته هاڻي اقتصادياتي ڊوڙ ۾ دنيا جو هر ملڪ اڳ کان اڳ ڀرو ٿيڻ جو خواهِشمند هئو ته اُتي 2001 ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر، نيو يارڪ آمريڪا جي ٻن تمام وڏين عمارتن تي ٿيل القائده جي خودڪش جهاز حملي سموري دنيا کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ کٽڻ لاءِ هڪ نئون شارٽ ڪَٽ فراهم ڪَري ڏِنو.
جيئن ته ورڊ ٽريڊ سينٽر سانحو ڪنهن کان ڳجھو ناهي اُن ڪري مان اُن جي تفصيل ۾ وڃڻ بجاءِ صرف ايترو چوندس ته افغان جنگ ۾ هٿيارن جي سيڙپڪاري وقت آمريڪا کان اِهو وسري وَيو هئو ته افغانستان ۾ ڊاڪٽر نجيب الله جي حڪومت کان پوءِ ڪا ٻي نئين جمهوري، سياسي حڪومت ڏيڻ بجاءِ اتي افغان طالبان کي خود ڪفيل ڇڏي ڏيڻ سان سعودي کان هنج ورتل معصوم ٻار طالبان ايترو تڪڙو وڏو ٿي ويندو ۽ پنهنجي پاليندڙ پيءُ جي خلاف ئي اعلانِ جنگ ڪندو.
بهرحال، قصو ڪوتاهه ته هاڻي 9/11 (ورلڊ ٽريڊ سينٽر) جي واقعي کان پوءِ دنيا کي سوچڻ لاءِ نوان لاڙا مليا ۽ ايئن ئي سيريا (شام)، ايران، عراق ۽ مصر سميت ڪيترن ئي ملڪن جن هاڻي مذهبي انتهاپسندي ۾ پنهنجو معاشي حصو ڳنڍڻ شروع ڪري ڏنو جڏهن ته پاڪستان هاڻي مذهبي انتهاپسند اهلڪارن جي خريد و فروخت جي عالمي منڊي بڻجي ويو جِتان جڏهن جنهن چاهيو پئي ته اُن کي اهڙو ئي خطرناڪ طالبان بلڪل مناسب قيمت ۾ ميسر ٿي پئي مِليو. ايئن ئي عالمي سياسي منظر نامو هاڻي جمهورت جي بحالي، اظهار جي آزادي، انساني حقن جي تحفظ وارن نقطن تان هَٽي ويو ۽ دنيا جو انسان دوست تنظيمون به پنهنجي اقتصادي فائدي جي ڪَري عالمي سياسي منظر نامي جي گند ۾ گوڏن سميت ٻُڏيون رَهيون جڏهن ته فلسطين، ڪشمير، سنڌ، بلوچستان، شام، سوماليا، يوگھر، اوروميا، برما ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ انساني حقن جي سنگين ڀنڃڪڙين جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي پيو.
سيريا (شام)، فلسطين، بلوچستان، سنڌ ۽ ٻين دنيا جي ڪيترن ئي علائقن جي اندر هاڻي انساني حقن جي لتاڙ وڏي ديده دليري سان ٿيڻ لڳي هئي. هيءُ اُهو دور هئو جو اسان جي ويجھو سنڌ اندر به کنڀي گم ڪيلن جو تعداد وڌڻ لڳو. خاص طور تي سيريا ۽ فلسطين جي اندر موجود پراڻن لساني تضادن توڙي حڪومتي جَبر ۾ واڌارو آيو.
دنيا جي طاقتور ملڪن جي وچ جي تضادن ۽ مفادن ۾ تبديلي ايندي رَهي ۽ ايئن ئي 2010 ۾ چين دنيا جي سپرپاور ملڪ واري ڪُرسيءَ تي اچي ويو. 2011 ۾ چين جي ان وقت جي صدر ”هو جنتو“ ۽ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي ٿيل ملاقات دوران به چين کي سُپرپاور سڏيو ويو نه صرف ايترو پر ان وقت اِهي به قياس آرايون نظر آيون ته چين هاڻي 2018 تائين آمريڪا کان به مضبوط ۽ مستحڪم معيشيت جو مالڪ ٿي ويندو. جيڪا قياس آرائي هاڻي سيپيڪ جي صورت ۾ حقيقت ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
ويجھن ئي ڪجھ سالن ۾ رونما ٿيندڙ ڪجھ غيرمعمولي تبديليون دنيا جي اڄ تي اثرانداز آهن، انهن اثرن جي شدت جو اندازو اُن وقت ئي لڳايو پئي ويو جنهن وقت هيءُ غير معمولي واقعا پيش اچي رهيا هئا. انهن مان ڪجھ اهم واقعا هيٺ ڏجن ٿا.
1- 2011 ۾ اتر ڪوريا جي صدر ڪِم جونگ-2 جو موت واقع ٿيو ۽ نئون صدر سندس پُٽ ڪمِ جونگ اَن چونڊيو ويو. ڪمِ جونگ اَن جون حڪومتي توڙي ذاتي سرگرميون مُبهم رَهيون آهن ايتري قدر جو هو ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهيو ۽ سندس پيدائش جي اصلي تاريخ به هن وقت تائين منهم آهي.
2- روس طرفان ڪرائميا تي قبضي ڪرڻ جي ڪَري يورپي يونين ۽ آمريڪا روس تي اقتصادي پابنديون هنيون، جنهن کان پوءِ جاپان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن به روس تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪيون. پهرئين مرحلي ۾ 17 مارچ 2014 تي روس مٿان آمريڪا ۽ ڪيناڊا جون لڳل پابنديون روس لاءِ 1991 يا سويت روس جي ٽٽڻ کان اڳ تائين لڳل سخت ترين پابنديون هيون ۽ اِن ڏس ۾ يورپي يونين پنهنجي پڌرائي ۾ چيو ته جيڪڏهن روس، يوڪرائين بحران کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪَري ٿي ته اسان اِهي پابنديون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪَرايون ٿا. هن واقعي روسي صدر کي پنهنجن سمورن فيصلن تي سوچڻ تي مجبور ڪَري ڇڏيو ۽ منهنجي مطابق هيءُ ئي اُهو وقت هئو جو هاڻي روس پنهنجي مفادن يا تضادن جي نئين تقاضائن تي سوچڻ شروع ڪيو.
3- مئي 2014 تي هندستاني تاريخ جي طويل ترين چونڊ مرحلي کانپوءِ ڀارتيا جنتا پارٽي جو نريندر مودي هندستان جو وزيرِ اعظم چونڊيو ويو.
4- 2015 ۾ سعودي جو بادشاهه عبدالله گذاري ويو ۽ 23 جنوري 2015 تي بادشاهه سلمان بِن عبدالعزيز سعودي جو نئون بادشاهه ٿي ويو. جنهن اڳتي هَلي مسلم دنيا جي اندر تمام وڏا آزادانه ۽ انقلابي فيصلا ڪَيا. جن ۾ عرب عورت جي سماجي آزادي به شامل آهي.
5- چين طرفان ڏکڻ چيني سمنڊ (ڳارهي سمنڊ) مٿان ”9 نقاطي لڪير“ (نائين ڊاٽيڊ لائين) تي سندس مالڪي جي دعوا کي عالمي انصاف جي عدالت 12 جولاءِ 2016 تي فلپائينس جي درخواست تي ڪيس جي طويل ٻڌڻي کانپوءِ ڪلعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
6- 23 جون 2016 تي برطانيا هڪ عوامي رفرنڊم جي ذريعي يورپي يونين کان علحدگي اختيار ڪئي.
7- 20 جنوري 2017 تي آمريڪا جي نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ 45 هين آمريڪي صدر جي حيثيت ۾ عهدو سنڀاليو. جنهن تي ڪيتريون ئي ناڪاري قياص آرائيون ڪيون ويو ۽ جنهن کان پوءِ ”سڀ کان پهرئين آمريڪا“ واري نعري تمام گھڻي پزيرائي حاصل ڪئي.
هِن سموري جائزي مان هاڻي اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته موجوده عالمي سياست ڪهڙن تضادن جي وَر چڙهيل آهي. عالمي سياست ۾ برطانيا جو موجوده ڪردار سندس يورپي يونين کان علحدگي کانپوءِ هاڻي تڪڙو متضادي معيار جو نظر نه پيو اچي. جڏهن ته روس هِن سموري صورتحال جي اندر آمريڪا ۽ چائنا کي ڊبل ڪِراس ڪرڻ جي موقعي جي تلاش ۾ آهي. ان ئي ڏس ۾ هاڻي ئي سندس پاڪستان سان وڌايل فوجي تعلقات جنهن سلسلي ۾ روسي فوجي پاڪستان ۾ فوجي مشقن لاءِ پِڻ اچي چُڪا هئا ۽ چين سان وڌندڙ ويجھڙائي مان محسوس ٿي رَهيو آهي ته روس هاڻي آمريڪا سان پنهنجي تعلقات جو خيال قدرن گھٽ ئي رکي پيو. روس جيڪي ڊونلڊ ٽرمپ مان اميدون رَکي پيو اُهي اوباما حڪومت طرفان آمريڪا طرفان روسي سفارڪارن کي نيڪالي ڏيڻ ۽ ٽرمپ طرفان صدارتي عهدو سنڀالڻ شرط ئي اُن فيصلي جي حمايت ڪرڻ کانپوءِ مڪمل طور تي چڪنا چور ٿي چڪيون.
جيئن ته هن وقت نه صرف ايشيا پر دنيا ۾ موجود سمورين عالمي طاقتن يا عالمي طاقت ٿيڻ جي خواهِشمند ملڪن لاءِ سيپيڪ اهم موضوع آهي ۽ اِهو به سيپيڪ جي ڪَري ئي آهي جو هاڻي عالمي ستح تي نوان بلاڪ جُڙي رَهيا آهن. نظر ايئن پيو اچي ته سعودي پِڻ هاڻي انهن نون بلاڪن ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ وڃي پيو ۽ اُن لاءِ نهايت ضروري آهي ته سعودي ۽ سعودي جو عام فهم ماڻهون انهن نون بلاڪن ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي هضم ڪَري سگھي جنهن جي ڪيترن ئي سبب مان هڪ سبب اِهو به آهي جو سعودي بادشاهه سلمان جي قيادت ۾ هاڻي لبرل ٿيڻ ڏانهن وڃي رَهيو آهي. سعودي جي اهڙن فيصلن جا خطي تي جتي هاڪاري اثر پئي رَهيا آهن اُتي ناڪاري اثرن کي به نظرانداز نه ٿو ڪَري سگھجي ڇاڪاڻ ته يمن جي لاءِ اڄ به سعودي جي پاليسي ساڳئي آهي پَر سندس جھڪاءُ صرف ۽ صرف دنيا جي اڪثريتي خيال سان هڪجھڙائي پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن اُن جي آڙ ۾ هڪ ته نوان دوست ٺاهجن ۽ پُراڻن دوستن کي ويجھو ساٿي بڻائجي ۽ ٻيو ته پنهنجي سرزمين کي دنيا جي عام ماڻهن آڏو نئين طريقي سان متعارف ڪرائي، مذهبي انتهاپسندي جي باهه جيڪا هاڻي سندس ڌرتيءَ ڏانهن وڌي رَهي آهي ان جو رُخ (ڀلي پئسا ڀري ئي) ڪنهن ٻئي پاسي ڏانهن موڙجي. ڇاڪاڻ ته سعودي بادشاهه سمجھي ٿو ته هاڻي دنيا جي طاقت جو توازن ٻيهر تبديل ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ اهڙي ماحول ۾ پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪري ٻه ڏاڪا مٿي چڙهجي پوءِ ڀلي ئي ڪنهن مذهبي خيال کي پوئتي ڇو نه ڇڏڻو پوي.
آمريڪا ۽ هندستان هڪ پاسي چابِهار بندر کي چيني سيپيڪ جي متبادل قدم طور استعمال ڪرڻ چاهين ٿا ته ٻئي پاسي آمريڪا ۽ چين وچ ۾ جاري نيم سرد جنگ جي شدت ۾ امڪاني اضافعي واري صورتحال جو ٽوڙ پِڻ سمجھن ٿا. جڏهن ته چين اُن صورتحال ۾ اتر ڪوريا کي پنهنجو مضبوط مهرو سمجھي ٿي ۽ وقتن فوقتن اُن جي آمريڪا جي خلاف استعمال ٿيڻ تي خوش پِڻ ٿيندو رَهيو آهي. پر هاڻي حالتون تبديل ٿيندي نظر اچي رَهيون آهن ڇاڪاڻ ته اتر ڪوريا ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ملاقات هن ئي سال ۾ مئي جي مهيني ۾ متوقع آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته هو هڪ وڏو ڪاروباري ماڻهو هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مزاج ۾ انتهاپسند پِڻ آهي. اهڙي خيال جو مظهر هاڻي آمريڪا جي دوست ملڪن ۾ پِڻ نظر اچي رَهيو آهي. جڏهن ته هندستاني وزيرِ اعظم نريندر مودي، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سعودي بادشاهه سلمان هِن وقت هڪ پيج تي نظر اچي رَهيا آهن جنهن جو اڳئي ئي ذڪر ڪري آيا آهيون.
آمريڪا طرفان پاڪستان سان تلخ رويئي جا پِڻ بنيادي ٻه ڪارڻ آهن هڪ ته چين سان ويجھڙائي ۽ ٻيو ته مذهبي انتهاپسندي جي کليل مارڪيٽ ۾ چين کي آزاد ڇڏڻ. چين پِڻ هاڻي آمريڪا جو ڇڏيل هٿيار مذهبي انتهاپسندي کي استعمال هيٺ آڻيندي نظر اچي ٿو جيڪو به آمريڪا جي لاءِ تمام گھڻو پريشان ڪندڙ مرحلو آهي.
سموري دنيا ۽ خاص طور تي ايشيا جي عالمي سياست جي هِن مختصر جائزي مان واضح ٿئي ٿو ته اتر ڪوريا ۽ آمريڪا جو ويجھو اچڻ صرف هڪ ڪوشش کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪونهي ڇاڪاڻ ته اتر ڪوريا جي سرڪش ذهنيت جي مذهبي انتهاپسندي جي مارڪيٽ تائين رَسائي آمريڪا جهڙي ملڪ جي لاءِ زهرِ قاتل ثابت ٿيڻ سان گڏ جتي چين جي سمورن مفادن لاءِ هاڪاري سوڻ آهي اتي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ۾ ويٺل سرمائيدار لاءِ پِڻ اُن ڳالهه کان وڌيڪ ٻئي شيءَ ٿي ئي نه ٿي سگھي جو سندن اهم جنس جي خريد و فروخت ۽ استعمال پهرئين جيان ڪنهن سپرپاور ملڪ وٽ هُجي ۽ هِن دفعي اهڙي ڪارِ خير ۾ سندس خلاف اٿندڙ آوازن کي ”وِيٽو“ ڪرڻ جي چونڊ به وڏي پئماني تي موجود هُجي..
اڄ جي هِن عالمي سياسي منظرنامي ۾ انساني حق، جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ محڪوم قومن جي جاگرافيائين سان بي انتها ناانصافيون ٿي رَهيون آهن جن تي اهڙي ماحول ۾ ڪٿي به سوچ ويچار نظر ڪونه ٿو اچي پر جيئن تي بين الاقوامي حالتن جا اثر قبول ڪندي متاثر ڪيترن ئي ملڪن جي عوام ۾ شورش جو اضافعو وڏي اهميت جو حامل آهي. آمريڪي عوام کان سعودي جي عوام تائين ۽ پاڪستاني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کان اِيران جي عوام تائين جي نظر فِرائجي معلوم ٿيندو ته ڪيترن ئي خطن جو اندروني استحڪام خطري ۾ آهي ۽ اهڙي صورتحال ئي عالمي جنگين جي ويجھي هجڻ جي نِشاندهي ڪندي آهي.


هي ليک عامر عمراڻي طرفان تاريخ 9 اپريل 2018 تي لکيو ويو.

Comments

Popular posts from this blog

مضمون ڪيئن لکجي؟