بهادراڻا خودڪَشي (ڪهاڻي) Bold Suicide (Story)

هُن سان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان روايتي زال مڙس وارو ڏي سوال وٺ جواب جھڙو نتيجي کان ڪوهين ڏور بحث هلندڙ هئو، اُن رات به هوءَ پنهنجي اعتراضن کي واضح ڪرڻ ۾ مصروف هئي ته مون وچ ۾ چيو مانس؛ مان تو سان پيار ڪريان ٿو!
هوءَ اڪثر اِهي لفظ ٻڌي هڪ دم بيهي رهندي هئي ۽ پوءِ جواب ڏيندي هئي ته ها، مونکي به توسان محبت آهي، پر، هن دفعي سندس جواب نه آيو.
مون سندس اهڙي ڪيفيت کي ڏسندي هُن کي ملڻ جو چيو جنهن کان پوءِ صبح جو وقت طئي ڪيو سين ۽ مان هُن کي هاسٽل کان کڻي ڄامشوري جي سحرا مثل سنڌو جي پيٽ ۾ پاڻي کوٽ جي ڪري اڪري آيل ٻيٽَ تي وٺي آيس. هُن جي عادت هئي ته هوءَ ڪيترو به پريشان هئڻ جي باوجود به جڏهن منهنجي سامهون ايندي هئي ته فقط مسڪرائيندي هئي، ايئن ئي هوءَ کلندي، مسڪرائيندي واريءَ جي هڪ دڙي تي ويٺي ۽ آئون به سندس ڀر ۾ ٿورو پرتي کان ويهي هُن کان سوال ڪري سگھڻ جي سَت گڏ ڪرڻ لڳس.
هن جي چهري تي عجيب تاثر هئا ڄڻ هوءَ مونکي پنهنجي اندر ۾ ئي سمائي چڪي هُجي ۽ هاڻ ظاهري رابطا پنهنجي افاديت وڃائي چڪا هُجن. مون ويجھو وڃي هُن جو هٿ جھليو ته احساس مونکي سندس ڳلن جي وجھو ڇڪي ويا ۽ جبلي جذبا منهنجي چپن کي سندس چپن جي ويجھو آڻي مون کي هيڻو ۽ هيڪلو ڪري الوداع ٿي ويا، هاڻي هتان کان مونکي پنهنجي همٿ ڪرڻي هئي جيڪا هميشه وانگر مان نه ڪري سگھيس پر هِن دفعي اُتي بيٺو ئي رهيس. اڪثر حالتن ۾ جنگ کٽي سگھڻ کان وڌيڪ اهم جنگ قائم رکڻ هوندو آهي، ايتري ۾ هُن منهنجي چپن کي ڇهيو ۽ چوڻ لڳي ته پاڻ هڪٻئي کي ڪيئن ڳولي ورتو؟ پنهنجو ڪوبه مستقبل ناهي! نه ئي پنهنجي طبعيتن ۾ ڪا هڪجهڙائي! آئون تخريب مخالف آهيان ۽ تون ٽوڙ فوڙ جو ماهر، آئون معتقد ته تون ملحد، آئون مافوق جي محتاج ۽ تون اُن جو انحراف. مان ڄڻ ته ڪو پُٺ تي پيل سماج آهيان ۽ تون اُن ڏانهن ايندڙ پُرتعش تبديلي، تنهنجو وجود هر دفعي مونکي ڇرڪائي وجھي ٿو پر تنهنجو ساٿ منهنجي لاءِ نئين سجاڳيءَ جهڙو نکار آهي مان اُن نکارَ لاءِ ڪنهن به مافوقَ جي مقابل ٿي سگھان ٿي پَر... پنهنجي والدين جي نه!
آئون هُن کي ٻڌندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته هيءَ ڪائنات! هيءَ هيڏي وسيع ڪائنات ۽ اُن کي جھاڳيندڙ هيءُ جاکوڙي ماڻهون ڪيئن فقط 2 صديون قديم اقتصادي اخلاقيات جي ڄار ۾ اڄ سوڌو محتاج فٿڪي رهيا آهن. هُن جي خاموشي به ڪمال جي آهي، سندس سڌو چهرو، بغير ڪنهن اظهار ۽ حرڪت جي هيراڙ کان اڳتي هموار سحراءِ سنڌ جهڙو لڳندو آهي.
مون کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه پئي آيو ته هُن کي ڪهڙو جواب ڏيان ۽ آئون خاموش پنهنجا چپ سندس ڳلي جي ويجھو ۽ ڪنڌ سندس ڪلهي تي رکي اکيون ٻوٽي ڪنهن اڻ ٽَر انقلاب جي تصور ۾ گم ٿي ويس. اُهو اڌ ڪلاڪ جو انتهائي مختصر لمحو مونکي اڄ به ڪڏهن ڪڏهن اگھور ننڊ مان رڙيون ڪري اٿڻ تي مجبور ڪندو آهي. اسان ٻنهي جي سوالن ۾ به سوال ۽ جوابن ۾ به سوال هئا، اسان ٻئي هڪٻئي سان محبت ته تمام گھڻي ڪندا هئاسون پَر هَر ٽئين دنيا جي پيار ڪندڙ وانگر پنهنجو مستقبل مبهم ڀائيندا هئاسون.
هميشه وانگر اُها ملاقات به نتيجه خيز ثابت نه ٿي.
سرمائيدار انقلاب پاڻ سان گڏ انساني استحصال لاءِ نتِ نوان طريقا به کڻي آيو ۽ جنهن اسان جي سماجي نفسيات جي جيڪا تشڪيلِ نو ڪئي اُن اسان جي محبت ۽ نفرت جي معارن کي شديد متاثر ڪري وڌو. اسان باهمي رابطن ۽ واسطن کي اقتصادياتي تقاظائن جي جنڊ ۾ پيڙهڻ جو شروع ڪيو ته اسان جي مهذب پڻي جو سڀ کان پهريون شڪار نوجوان عاشق ٿيو ۽ اتان کان ئي دنيا جي پهرئين منظم خودڪَشي جنم ورتو جنهن سان مادي جسم جي جڳهه تي تخليقَ جي قوت جو موت ٿئي پيو.
محبت جون تقاظائون ته تبديل ٿي سگھن ٿيون پَر محورن کي مٽائڻ ڪنهن جي به وسَ جي ڳالهه ناهي هوندي. مون هُن سان ٻيهر رابطو ڪيو ۽ ساڳئي ئي بحث کي ڪنهن تڪميل تائين پهچائڻ جي لاءِ هُن کي هڪ وڌيڪ ملاقات لاءِ مدعو ڪيم، هِن دفعي اسان ڄامشوري جي هڪ هوٽل جي فيملي هالَ ۾ ملڻ لاءِ ويٺاسون، هُن اچڻ ۾ ڪجھ دير ڪئي. مان سبب معلوم ڪرڻ چاهيو جنهن تي خبر پئي ته هوءَ منهنجي لاءِ هڪ ڪارڊ خريد ڪرڻ وئي هُئي جنهن ڪري هن کي اچڻ ۾ دير ٿي.
هِن ڪارڊ جي ڪهڙي ضرورت هئي....؟ مون پڇيو.
باقي! خالي هٿئين ملان توسان؟ هُن جواب ڏنو.
اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا اُهو اقتصادي ديوَ جي حڪمن جو پابند آهي، هيءُ معاشرو پاڻ کي ايئن ئي رکڻ تي مجبور آهي جئين اقتصادي ديوُ هِن معاشري کي ڏسڻ چاهي ٿو.
مون سگريٽ دکايو، هيءُ پهريون دفعو آهي جو مان هُن جي سامهون سگريٽ پئي رهيو آهيان.
تون سگريٽ نه ڇڏيندين؟
نه، مون وٽ ٻي ڪابه تفريح ناهي، هِن تقاظائن جي عادي سماج کان ڪن لاٽار ڪرڻ جي لاءِ مونکي ڪنهن جي ته مدد گھرجي نه؟ سو هيءُ سگريٽ سمجھ ته منهنجو مددگار آهي جيڪو پَل لاءِ مونکي هِن سماج جي تمام توقعات کان جيڪي هيءُ سماج مون مان رکي ٿو، دور ڪيو ڇڏي ۽ آئون صرف پنهنجي وجود جي تقاضا، منهنجي اطمنان جي پوراءَ لاءِ اُهو لمحو آزاد هوندو آهيان.
مونکي سمجھ ۾ ناهي ايندو ته تون هِن سماج کي ڪيئن ٿو ڏسين يا ڪيئن ٿو ڏسڻ ڇاهين! هُن نراڙ گھنجائي پڇيو.
جيئن تون ۽ تنهنجا گھر وارا مونکي ڏسڻ چاهين ٿا، ان جي بلڪل ابتڙ! مون سگريٽ ڇڪيندي جواب ڏنو.
حيا! ڏس، پاڻ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ عجيب بحث جو حصو آهيون ۽ مان ان بحث کي اُڪلائڻ چاهيان ٿو.
پنهنجي هِن پيار جو مستقبل اُن سان مشروط آهي ته مان هِن سماج جي روايتي نفسياتي گھرج تي معاشي طور تي ڪيترو پورو لَهي ٿو سگھان يا ڪڏهن پورو لهندس پَر هڪڙي ڳالهه جنهن منهنجي راتين جي ننڊ فُري ورتي آهي اُها اِها آهي ته جي نه لهي سگھيس ته مونکي تو کان ڏور ٿيڻو پوندو ۽ مان توکان الگ ٿيڻ جي خيال تي ئي پريشان ٿي ويندو آهيان؛ مون پنهنجي ڳالهہ مڪمل ڪئي.
پَر منهنجو خاندان توکي ايئن قبول ڪونه ڪندو ۽ مونکي پِڻ تو تي اعتماد ناهي ته تون ڪنهن مهل هِن سماج جي ڪهڙي مسئلي تي جذباتي ٿي ڪو انتهائي قدم کڻي ويهي رهين ۽ توکي ڪجھ ٿي پوي ته پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟ هُن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو.
حيا! ڏس، اهميت ان ڳالهه جي ناهي پاڻ ڪيترو وقت زنده رهون ٿا اهميت اِن ڳالهه جي آهي ته پاڻ ڇو زنده رهون ٿا. تنهنجي موجودگي منهنجي خود اعتمادي ۾ شديد اظافعو ڪري ٿي. پَر هيءُ سماج هڪ وڏي ۽ خطرناڪ صورتحال ڏانهن روشني جي رفتار سان سفر ڪَري رَهيو آهي، تون ڏس ته صحيح پنهنجي ويجھو... جنسي خواهشن اسان جي نئين نسل جي نڪور تخيُلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان فَن ۽ هُنر کان ايترا خائف آهيون جو فنڪار سان ڪوبه رشتو رکڻ ئي ناهيون چاهيندا. رنگ، نسل ۽ اقتصادي ويڇن اسان جي رَت جي رشتن ۾ به ڏار وجھي ڇڏيا آهن. امير جي اميري جو تحفظ غريب جي ٻارن جي ٻن وقتن جي ماني جو سبب بڻيل آهي جنهن سان فقط هو زنده رَهي سگھي ۽ امير جي اميريءَ ۾ اضافعي جي لاءِ نئين انساني سرمايي طور ڪم اچي سگھي. مونکان نه ٿو برداشت ٿئي ته ڪارل وون اوزيزستڪي جي جنگ مخالف ڏينهن ملهائڻ بجاءِ اسان جنگين ۾ نام نهاد فتحون حاصل ڪرڻ وارا ڏهاڙا هر سال ملهايون ٿا.
منهنجو خواب آهي هيءُ سماج ڪنهن به خودڪَش بمبار جي ڌماڪي ۾ هاڻي وڌيڪ پنهنجي جسم جون ڌڄيون نه اڏائي، مان چاهيان ٿو ته منهنجي ديسَ جا دراوڙ، ماضي جا شودر ۽ وئيش هاڻي پنهنجو تاريخي حق ماڻين، منهنجي خواهش آهي وري سنڌوءَ ڪَپَ تي شِوَ جو رقص جاري ٿئي، مان لطيف جي بيتن جو پڙاڏو سنڌي سماجَ جي نفسيات ۾ اوتڻ چاهيان ٿو... هيءُ هيڏو وڏو مقصد آهي حيا! تنهنجي ۽ منهنجي لاءِ هتي جيئُدان آهي، تون منهنجو حوصلو آهين مونسان گڏ ٿي پئهُ پاڻ معمولي زندگي گذاري هِن سماج کي غير معمولي فائدا ڏئي سگھون ٿا.
پَر ظفر...!! منهنجي انهن خوابن جو ڇا جيڪي مون توسان گڏ ڏٺا؟
اُها صبح، جنهن کي مون توسان ڀرپور گذارڻ جو سوچيو هئو ۽ اُها نيراني چانهه، جنهن جي پهرئين چسڪي توکان ڀرائڻ ٿي چاهيم!
اُنهن راتين جو ڇا؟ جن ۾ مون پنهنجي سهاڳڻ جي پُرڻ جهڙين تِرين جي پَريان ايندو ڏسي توکي ٻانهون واتُ وجھي، تنهنجي روح ۾ رَڙيون ڪرڻ جا خواب پئي ڏٺا آهن؟؟ باهمي سمجھ جي تَرائيءَ ۾، هَر ڏونگر جي سامهون ٿيڻ جي سگھ مونکي توکان ئي مِلي ٿي، اهڙي معقوليت جي ويجھو به ته تو ئي آندو مونکي! هاڻي پاڻ نه ڄاڻ ڪهڙي اڙهانگھي سفر ڏي سندرو ٻڌو اٿئي. هيءُ سماج، هيءُ ڌرتي ۽ اُن جا اقتصادي نظام ۽ انهن جون سڀ خرابيون مون لاءِ تنهنجي وجود کان اهم ناهِن. مون کي اعتماد آهي ته تون هِن سماج جي تقاظائن تي پورو لَهي سگھين ٿو ۽ پاڻ هڪ عام، پَر انتهائي خوش زندگي گذاري سگھون ٿا...!
پَر حيا...! مون وچ ۾ ڳالهائيندي چيو،
مان ڪجھ نه ٿي ٻُڌان، حيا وراڻيو،
توکي ٻُڌڻو پوندو! مون جذباتي ٿيندي چيو.
تون ۽ تنهنجو تاريخي ڪارج، الهائي ڪهڙا نظريا مونکي ته نالا به نه ٿا اچن! منهنجي احساسن کان جي مٿي آهن ته مان رکان ٿي پنهنجي اميدن جي اُن ديپَ کي ٽياس تي جيڪو توسان گڏ ٻاريم!
مان مقتل جي پَڍن تي پنهنجو وجود لاوارث ڇڏيان ٿي، بس تون اطمنان ۾ رهه!
مان جھڪان ٿي، تون اوچو رههَ بس... مون کان وڌيڪ نه ٿو ڳالهايو ٿئي. حيا پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي.
حيا! هِتي زبردستي نه هَلندي، مون بيچين ٿي ڪري چيو.
هِن بغاوت کان خوفزده سماج کي باغي ڪرڻ لاءِ اسان کي پاڻ باغي ٿيڻو پوندو. هِن سماج جي هَر عاشقَ کي بغاوت ڪرڻي پوندي. هاريءَ کي چيٽَ، ڪتيءَ ۽ هر فصل کي ساڻ ڪري ڀاڳيلو ٿيڻو پوندو. شاگردَ لاِءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي سمورن جوابن کان محروم سوالن کي ساڻ ڪري بغاوت جي ڪنڊيدار پيچرن تي هَلي پوي. ماءُ لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي ٿڄ پياڪ ٻارَ کي بغاوت جا سُرڪ پياري ۽ هَر ڀيڻ لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي سورمي ڀاءُ کي بغاوت جي راکي ٻڌي ۽ مزاحمت جي آرتي لاهيس. مان سنڌ جي هوليءَ جي رنگن ۽ ڏياري جي روشنائين کي باغي بڻائڻ چاهيان ٿو. حيا! تون به ته ڪر نه بغاوت؟ تو جو ايترو ڀوڳيو آهي! تو جو ايترو برداشت ڪيو آهي! اڄ جون سماجي روايتون تنهنجي عشقَ کي توکان ڏور ڪن ٿيون. تو کي خبر آهي ته هيءَ نام نهاد سماجي غيرت تنهنجي اُرهن جي اُڀار جي ويري آهي! تنهنجي کليل وارن کي به هيءَ غيرت لکيل للڪار سمجھي ٿي ۽ ورسٽي جي زيرو پوائنٽ تي ڏنل تنهنجي ٽهڪن کي پنهنجي دقيانويس اصولن جي ديوارن ۾ ڏار سمجھي ٿي. تون به ته باغي ٿي هِن غيرت کان بغاوت ڪر.
اچ، اڄ مان هڪ باغي جي حيثيت سان توکان بغاوت جي نينڍَ ڏيان ٿو. هِنن روايتن ۾ ساهه فوڪيندڙ تنهنجي ۽ منهنجي خاندانن کان، هِن ماحول ۾ موجود بزدلي جي بدبوءِ کان ۽ تنهنجي ڪنن ۽ نَڪَ ۾ پيل بن قاسم جي گھوڙن جي سنبن سان ڇڪيل والن
۽ نَٿَن سان اچ ته بغاوت ڪري اَمر ٿي وڃون ۽ هِن سماج جي ساحلي پَٽِيءَ تي بغاوت جا تَمر پوکي سڪون سان دار جي لذت چکيون.
حيا! ساٿ ڏي منهنجو، هِن سماج کي پنهنجي ضرورت آهي. مون هُن ڏانهن هَٿ وڌائيندي چيو.
هوءَ ڪجھ دير خاموش ٿي وئي ۽ پوءِ منهنجي هٿَ تي پنهنجو ڪومل ۽ خوبصورت هَٿ رکي چيائين؛
ظفر! هِن عظيم ڪارج ۾ مان توسان گڏ آهيان.
مونکي يقين هئو ته تون منهنجو ساٿ ڏيندئينءَ، مون وراڻيو.
اُها ملاقات نتيجا خيز ثابت ٿيندي به نتيجن کان محروم رَهي.
هُن سان هيءَ ملاقات آخري ملاقات ثابت ٿي ۽ سندس والدين جلدي ئي سندس مرضي جي خلاف سندس شادي طئي ڪري ڇڏي. اُهي ڏينهن مونکي ياد آهن هُن ۾ هڪ عظيم باغيءَ جا گُڻَ هئا، مراحمتي اصولن سان نڀائيندي هوءَ پنهنجي والدين جي اُن فيصلي خلاف سخت بغاوت ڪندي رَهي ۽ نيٺ بجليءَ جي تارَ ۾ هَٿ وجھي پنهنجي حياتيءَ جو انت آڻي ڇڏيائين. ڪير ٿو چوي ته خودڪَشي بزدلي آهي؟ خودڪشي سماجي روايتن سان بغاوت جو معراج آهي، موتَ جي مشاهدي جي ڏَسَ ۾ کُهي وِک آهي، خودڪَشي اصول جو جيئدان آهي، انڪار لاءِ امرت آهي ۽ هِن سماج جي نام نِهاد غيرت جي لوندڙيءَ تي 30 بور جي روالور جو فائر آهي.
کُهي جا کنيائين، وِکَ تنهن ويجھي ڪئي.
هوءَ پاڻَ ته هنن فرسوده سماجي روايتن جي خالق، اقتصادي ديوَ جي اکين ۾ اکيون ملائي اَمر ٿي وئي.
۽ هاڻي هُن کان علحدگي منهنجي تخليقي صلاحتين ۾ توازن جو بگاڙ آڻي وڌو آهي، اهڙو توازن جو بگاڙ جو منهنجي عشق ۾ انقلاب ۽ انقلاب ۾ روايتي بي حِسي شامل ٿي پئي آهي. سنڌ اهڙن خودڪَش تخيُلن سان ڀري پئي آهي جيڪي ڌماڪي سان اُڏائين ته صرف پنهنجي ئي هڪ دماغ کي ٿا پَر سڄي دنيا ۾ ان بغاوت جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو رَهي ٿو.

ليکڪ: عامر عمراڻي
آڪٽوبر 2، 2018 تي لکي وئي.

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

عالمي سياسي منظرنامو (جائزو)

سُر ڪيڏارو متعلق عالمن جا رايا (سهيڙ ۽ تاليف)