سُر ڪيڏارو متعلق عالمن جا رايا (سهيڙ ۽ تاليف)



موٽي مران مَ ماءُ، موٽڻ کان اڳ مَران.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چواڻي ته گھڻي وقت کان وٺي، جن سڄاڻن شاهه جي رسالي کي ڌيان سان پڙهيو تن اها ضرورت محسوس ڪئي ته شاهه جي رسالي ۾ ٻيو جيڪو ڌاريو ڪلام داخل آهي سو جيڪر ڪڍي شاهه جي ڪلام وارو صحيح رسالو تيار ڪجي.
اِها نه صرف سنڌ جي ادب جي اهم ضرورت آهي پر سنڌ جي خوشحالي لاءِ ادبي توڙي عملي ستح تي پاڻ پتوڙيندڙ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ طرفان مستقبل جي سنڌ لاءِ قومي پيغام جي حقيقت ۽ سندس سنڌ دوستي، دور انديش سوچ، روشن خيالي ۽ منطق ڏانهن جھڪاءُ واري خصلتن جو نخار پِڻ آهي ته جيئن اسان مرشد لطيف جي نج سندس چيل بيتن تي مبني ڪو رسالو جوڙيون ۽ مرشد لطيف جي ڏنل سنڌ دوست، انسان دوست ۽ رواداري واري پيغام کي صحيح معنيٰ ۾ سمجھي سگھون.
هونئن ته شاهه صاحب جي رسالي ۾ ڌارئين ڪلام جي شامل هجڻ واري ڳالهه ڪنهن کان ڳجھي ناهي ۽ ڪيترن ئي سنڌ دوست محققن مرشد لطيف جي رسالي کي ٻاهرئين ڪلام کان پاڪ ڪرڻ جون به بيشمار ڪوششون پئي ڪيون آهن. پر، تنهن هوندي به هن وقت تائين مرشد لطيف جي سموري رسالي جو هڪ رخو اصولي ۽ شعوري نقطه نظر طئي نه ڪيو وَيو آهي. مثال طور سُر سهڻي جهڙو روايتن، حالتن، سماجي اصولن ۽ مذهبي پابندين کان آجو، آزاد، غيرجانبدار فقط عشق جي نظر ڪيل سُر سرجيندڙ لطيف ضرور به اُن نقطه نظر جو اثر قبولي ٿو ۽ اُن کي پنهنجي شاعرانه مهارت ذريعي عوام آڏو درس ۽ پيغام طور پوئلڳي ۽ سکڻ لاءِ پيش ڪَري ٿو پر ساڳئي جڳهه تي حڪيم سنائي غزنوي جي دقيانويس خيالن سان ٽمٽار شعرن جو ساڳئي ئي رسالي ۾ موجود هُجڻ ان ڳالهه جو تعيُن ڪرڻ ۾ عين رڪاوٽ ۽ رُخنو وجھي ٿو ته آيا مرشد لطيف ڪهڙي مخصوص خيال کي سنڌي سماج ۽ سموري دنيا جي ترقي، آزاد خيالي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي طرفان مخصوص ڪَري ٿو.
شاهه سائين جي ڪلام جو پهريون مجموعو 1207 هه ۾ لکيو ويو هئو جنهن کي گنج چئجي ٿو. گنج شاهه سائين جي ڪلام جي لحاظ کان بنيادي هيثيت رکي ٿو. جڏهن ته ان گنج ۾ لطيف سرڪار جي بيتن کان علاوه ڪيترن ئي آڳاٽن يا شاهه سائين جي دور جي ئي ٻين شاعرن جا بيت لکيل آهن. گنج ۾ شاهه سائين جا اُهي بيت به شامل آهن جيڪي هئا ته ٻين شاعرن جا پر شاهه سائين جي محفلن ۾ اُهي بيت پڙهيا ۽ جھونگاريا ويندا هئا جنهن کان پوءِ انهن شعرن کي به شاهه سائين جي رسالي ۾ ڳنڍيو ويو. تنهن ڪري ئي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چواڻي ته موجوده شاهه جا رسالا شاهه جي حاضري جي ڪلام وارا ڪشڪول آهن. مثال طور برٽش ميوزيم لنڊن ۾ محفوظ شاهه جي رسالي سُرن سميت انهن سُرن جا حوالا پِڻ ڏنل آهن جيئن سر پورب ۽ رامڪلي تمر فقير جو چيل يا سر ڪاريهل تمر فقير جو چيل. ارنيسٽ ٽرمپ جيڪو اوائلي رسالو ڇپرايو اُن جو تنقيدي جائزو وٺندي عالم سمجھن ٿا شاهه جي رسالي ۾ ڌارئين ڪلام جي شامل ٿيڻ جو هڪ سبب ٽرمپ وارو رسالو به آهي. ٽرمپ پنهنجي سنڌي منشيءَ کان سموري رسالي جو ڪم ڪَرايو جنهن ۾ ڪيترين ئي غلطين ۽ بي ڌيانين جا انڪشاف ٿيل آهن. لطيف جي رسالي ۾ ٻاهرين ڪلام جي گھڻائي ۾ شامل هجڻ ۽ ان مان صرف شاهه جي چيل بيتن کي ڪڍڻ لاءِ ڪيترن ئي محققن پاڻ پئي پتوڙيو آهن جن ۾ مير عبدالحسن خان سانگي، مرزا ڪليچ بيگ، ليلا رام وتڻ مل لالواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ مولوي دين محمد وفائي جا نالا شامل آهن.
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ عالمن ان طرف ڌياڻ ڏيڻ شروع ڪيو ته ان گنج مان لطيف جو پنهنجو لکيل ڪلام الگ ڪجي ۽ ان ڏس ۾ پهرئين شروعات ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪئي مگر اها مڪمل نه ٿي سگھي.
شاهه جي رسالي ۾ ٻاهرئين ڪلام جي شامل هُجڻ بابت مير عبدالحسن خان سانگي پنهنجي ڪتاب لطائف لطيفي ۾ لکي ٿو ته رسالي ۾ اڪثر سُر سربستا فقيرن جا جوڙيل داخل ٿيا آهن. مرزا ڪليچ بيگ پنهنجي ڪتاب احوال شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۾ ڏهين باب ۾ ڄاڻائي ٿو ته سر بيراگ هندي، سر هير رانجھو، سر ڍول مارئي ۽ سر ڌناسري لطيف سائين جا تخليق ڪيل سُر ناهن. ايئن ئي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جيڪو پهريون محقق آهي جنهن شاهه جي رسالي کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رسالي ۾ شامل ٻاهرئين ڪلام بابت وڌيڪ تفصيل سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيائين. سندس مرتب ڪيل رسالي جي پهرئين جلد ۾ چوي ٿو ته سُرن جا سُر ۽ بيتن جا بيت رسالي جي قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۾ درج ٿيل آهن جن جي تصنيف جو شاهه سائين سان ڪوبه واسطو ڪونهي. ڪيترن ئي پارسي شاعرن جهڙوڪ حافظ، حڪيم سنائي، محي الدين، جلال الدين رومي وغيره جا غزل، قصيدا ۽ مثنويون به شاهه جو ڪلام سمجھي رسالي ۾ درج ڪيون ويون آهن.
هنن شاهدين مان لطيف سائين جي رسالي ۾ ٻاهرئين ڪلام جي موجودگي ثابت ٿئي ٿي. ساڳئي ئي طرح سُر ڪيڏارو به شاهه سائين جي رسالي ۾ اهڙو سُر آهي جنهن متعلق به ڪيترن ئي محققن جو شاهديون آهن ته اُهو سُر لطيف سائين جي پنهنجي تصنيف ناهي. مير عبدالحسن خان سانگي پهريون عالم هئو جنهن سُر ڪيڏاري کي شاهه سائين جو جو تصنيف ٿيل سُر ڪوٺيو. مير سانگي جي قلمبدن ڪيل روايت جو اختصار هيٺئين ريت آهي؛
شاهه صاحب ڀٽ تان سڪ ۽ سوز سان ڪربلا معليٰ ڏانهن روانو ٿيو ۽ ونگي وَلاسي پهتو جتي هڪ درويش مريد سندس دعوت ڪئي، شاهه صاحب کان ڪربلا وڃڻ جو احوال عرض ڪيائين ته اسان ته سدائين سائين جن جي زبان مبارڪ مان پئي ٻڌو آهي ته اوهان جو مرقد مقدس ڀٽ تي ٿيندو جتي اوهان پنهنجي دفن ٿيڻ واري جاءِ پِڻ اسان کي ڏيکاري. پر هاڻي معاملو الٽو ٿيندو نظر اچي ٿو. حضرت جن سندس ڳالهه سمجھي ويا ۽ فقراءِ کي فرمايائون ته هن درويش مون کي هڪ پڪي خبر ٻڌائي آهي (ته آئون سگھو ئي فوت ٿيڻ وارو آهيان) جيڪڏهن وڌيڪ حياتي هجي ها ته ڪربلا معليٰ پهچي، اتي ئي رَهي، هميشه لاءِ اتي ئي دفن ٿيان ها. پر ڇا ڪريان جو جيڪو ٿورو وقت باقي آهي تنهن ۾ اتي پهچي ڪونه سگھندس... انهيءَ ڪري لاچار پوئتي موٽڻو پوي ٿو. پوءِ پيادا پر تڪڙا تڪڙا ڀٽ تي پهتا جتي ايڪيهه ڏينهن يڪا ڀٽ جي هيٺيان حجري ۾ گذاريائون. ان بعد جڏهن ٻاهر آيا ۽ غسل ڪيائون ۽ دستور موجب راڳ جو حڪم ڪيائون. ٽي ڏينهن سڀ حاضر مجلس وارا استغراق ۾ رهيا ۽ شاهه صاحب کي پڻ استغراق ۽ مراقبي ۾ ڏٺائون پر آخر معلوم ٿيو ته سندن روح پرواز ٿي چڪو هئو. ونگي ولاسي کان ڀٽ تائين پهچڻ وقت ۾ فقيرن کي ڪاري ويس ڍڪڻ جو چيائون ۽ پِڻ سر ڪيڏارو ٺاهيائون.
ساڳئي ئي جڳهه تي گڏوگڏ مير سانگي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪري ٿو ته ڪيڏارو جيڪو لطيفي تصنيف بلڪل آهي پر ان جو آخري داستان فتح فقير جو چيل آهي جيڪو هُن لطيف سرڪار جي چوڻ تي تخليق ڪيو ان داستان جو پهريون بيت هيءُ آهي؛
ڪونئر قلعي جا ڪوڏيا جانڪيتائين جيءُ،
ڳاهُ ڳجھن جو ٿيءُ، ويٺي جن ورِهه ٿئا.
جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش مير سانگي جي اهڙي حوالي ۽ خيال تي لکي ٿو ته مير سانگي جي اهڙي ڳالهه لطيف سرڪار جي شان وٽان ناهي نه ئي ان مان اِهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪيڏارو شاهه صاحب جو چيل آهي ڇاڪاڻ ته هڪ ته مير سانگي اِن روايت جو ڪو حوالو ناهي ڏنو ٻيو ته جڏهن خود لطيف سرڪار اِهو درس ڏئي ٿو ته
موٽڻ جي مصلحت، مونکي ڏئو مَ جيڏيون
يا
موٽي مران مَ مانءُ، موٽڻ کان اڳ مَران.
۽ پوءِ پاڻ پنهنجي ڪيل ارادي جي ابتڙ ڪيل ارادو ترڪ ڪري ڪربلا معليٰ وڃڻ بدران موٽي اچي ٿو ته اهڙي ڳالهه لطيف سرڪار جي ڏنل تعليم جي ابتڙ آهي.
هڪ ٻئي عالم ليلا رام وتڻ مل لالواڻِي شاهه جي رسالي جي هر سُر متعلق پنهنجي راءِ ڏني آهي ته هيءُ سُر لطيف سرڪار جو آهي صرف سُر ڪيڏارو متعلق ئي اهڙو ڪجھ ڪونه لکيو اٿائين.
مرزا قليچ بيگ 1887غ ۾ احوالِ لطيف لکيو جنهن ۾ هِن صاحب پِڻ سر ڪيڏارو کي مير سانگي وانگر لطيف سرڪار جي تصنيف مڃيو آهي پر اڳتي هَلي پاڻ 1920غ ۾ اُن متعلق ڪجھ مونجھاري جو شڪار ٿي پيو ته اُهو سُر شاهه صاحب جو چيل آهي يا سندس همعصر احسان فقير هالائي جو. هتي هڪڙي ٻئي ڳالهه به زِير غور رکڻ گھرجي ته ميان محمد صالح ڀٽي سنڌ مدرسته السلام ڪراچي مان مرزا صاحب ڏي هڪڙو خط لکيو جنهن ۾ مرزا صاحب کي عرض ڪيائين ته ڪاليج مخزن جي لاءِ احسان فقير جا ڪجھ بيت تصحيح لاءِ اوهان ڏي موڪليان ٿو. جنهن بعد مرزا صاحب انهن بيتن جي تصحيح ڪئي ۽ لطيف جي رسالي ۾ جيڪي احسان فقير هالائي جا شامل بيت آهن انهن بيتن جي نشاندهي پِڻ ڪئي جنهن متعلق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن لکيو آهي ته اُهو رسالو مون ڏٺو ۽ اُن رسالي ۾ مرزا صاحب ڪيڏاري جي ڪل 70 بيتن مان 43 بيت احسان فقير جا قرار ڏئي انهن کي تصحيح بعد الگ ڪيو ۽ باقي اُن ڪيڏاري ۾ 43 بيت نڪرڻ کان پوءِ 27 بيت بچيا. جيئن مٿي مير سانگي مطابق ڄاڻايل آهي ته سُر ڪيڏاري جو ڇهون داستان فتح فقير جو لکيل آهي جنهن متعلق مير سانگي چوي ٿو ته اُن آخري داستان جي بيهَڪ مان ئي ثابت ٿئي ٿو ته اُهو داستان لطيف سرڪار جي تصنيف ناهي. ان داستان ۾ ڪُل 19 بيت آهن ۽ جڏهن باقي بچيل 27 بيتن مان اُن آخري داستان وارن 19 بيتن کي الگ ڪبو ته باقي ڪل 8 بيت بچندا ۽ ڊاڪٽر بلوچ متعلق ته انهن باقي بچيل بيتن بابت به يقين سان چئي نه ٿو سگھجي ته اُهي بيت به لطيف سرڪار جا آهن يا اڃا ئي ڪنهن ٻئي شاعر جا.
ڊاڪٽر عمر بِن محمد دائود پوٽو صاحب به سُر ڪيڏارو کي لطيف سرڪار جي تصنيف نه ٿو مڃي ۽ سمورن بيتن جي مطالعي جي آڌار تي چوي ٿو ته هيءُ سُر شاهه صاحب جو چيل ناهي ۽ هِن سُر ۾ اڪثر بيت احسان فقير لانگاهه جا آهن، جو پِڻ شاهه صاحب جو همعصر شاعر هئو.
1960ع ۽ 1961ع ۾ شاهه لطيف جي هڪ اهم محقق ۽ تمام وڏي عالم علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن به شاهه جو رسالو مرتب ڪيو جنهن ۾ پاڻ لطيف سرڪار جي نج تصنيف کان سواءِ ٻاهرئين ڪلام کي ٻاهر ڪڍڻ جي مڪمل ڪوشش ڪيائون ۽ اُهي سر جيڪي سندس خيال ۾ شاهه سائين جا ڪونه هئا سي شامل نه ڪيائون.
مٿي ڏنل سمورن حوالن ۽ محققن جي رائين مان معلوم ٿئي ٿو ته سُر ڪيڏارو لطيف سرڪار جي پنهنجي تصنيف ناهي البته سندس همعصر شاعرن جو لکيل آهي.
هتي اُن ڳالهه کي به ڌيان ۾ رکڻ جي ضرورت آهي ته لطيف سرڪار جي حياتي بابت لکيل احوال ۾ هڪ ٻيو عالم ڪلياڻ آڏواڻي ڪلهوڙا دور ۾ مغل نمائندي فرغ سيار جي پنهنجي محل ۾ قتل ٿيڻ کي لطيف جي سُر مارئي مان اٿيل بغاوت جو هڪ سبب ڄاڻائي ٿو. ان کان علاوه سموري شاهه جي رسالي جي فڪري ۽ نظرياتي نقطه نظر جي ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ اسان کي معلوم ٿيندو ته لطيف سرڪار پنهنجي دور جي حالتن متعلق پنهنجو روشن خيال تخيُل رَکي ٿو جنهن جو سڌو سئون تعلق سنڌ ۽ سنڌي سماج سان آهي. لطيف سرڪار پنهنجي سموري تصنيف (سڄي رسالي) ۾ جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي اُهي خيال تقليد کان گھڻو پَري منطق، دورانديشي ۽ وطن دوستي کي ويجھو آهن. البته سُر ڪيڏاري تي مڪمل تحقيق ڪونه ٿي سگھي آهي پَر 1920ع تائين اها ڳالهه پڙهندڙن آڏو اچي چڪي هُئي ته ڪيڏارو احسان فقير جو چيل آهي ۽ اُهو سُر ڀٽ تي شاهه جي راڳ کان علاوه هالن پراڻن ۾ ورهين کان وٺي پيو ڳائجي. ان سلسلي ۾ هالن پراڻن جي سڄاڻ اديب مخدوم صالح ڀٽي پنهنجي مرزا صاحب ڏانهن لکيل خط ۾ هيءُ حوالو پِڻ ڏنو اهي ته ڪيڏاري جا هي بيت زوالحج جي عيد نماز بعد ڪيترا فقيرَ احسان فقير جي پِڙ تي هالن پُراڻن ۾ ڳائيندا آهن ۽ اُهو رواج ورهين کان هلندڙ آهي.
ڪيڏاري جي صحيح حقيقت معلوم ڪرڻ جي لاءِ جڏهن ڊاڪٽر بلوچ جي ذهن ۾ سوال اٿيا ته احسان فقير ڪڏهن ٿيو؟ ڪهڙي سلسلي جو فقير هئو؟ هِن ڪيڏارو ڪڏهن چيو ۽ ڪيڏارو پراڻڻ هالن ۾ ڪهڙن ڪهڙن موقعن تي ڳائجي ٿو ۽ هِن سلسلي جا ڪهڙا ڪهڙا فقير ڪيڏارو ڳائين ٿا؟
ان ڏس حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو پراڻن هالن ۾ وڃڻ ٿيو ته کين معلوم ٿيو احسان فقير جو مرشد سيد عبدالطيف قادري رحه هو جنهن جي ترغيب ۽ تلقين سان ذڪر ۽ سماع جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪيڏارو ڳايو وَيو.
ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ متعلق هالن پراڻن جي بزرگ سيد عبدالطيف جيڪو قادري طريقي جو شيخ ۽ مرشد هو تنهن جي ذڪر ۽ سماع جي سلسلي مان ڪيڏارو شروع ٿيو جنهن کي پوءِ شاهه لطيف ڀٽائيءَ جو ڪيڏارو سمجھي فقيرن شاهه جي رسالي ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ راڳ ۾ ڳايو.
هِي سمورو بحث ۽ عالمن جا رايا ڪيڏاري سُر جو لطيف جي تصنيف نه هُجڻ واري خيال لاءِ تمام مضبوط دليلون آهن. خاص طور تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هيءَ ڳالهه ته شاهه جي رسالي ۾ سر ڪيڏاري جي بيتن بابت فقط ايترو تصديق سان چئي سگھجي ٿو ته اُهي سيد عبدالطيف قادري رحه جي ذڪر ۽ سماع جي سلسلي جا بيت آهن. جنهن بزرگ جي وفات لطيف سرڪار جي پيدائش (1102هه) کان ستاويهه سال کن اڳ (1075هه) ۾ ٿي جيڪو احوال بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته پراڻن هالن ۾ سندس مزار جي ڪَتبي ته درج ٿيل عبارت مان معلوم ٿئي ٿو.
شاهه عبدالطيف ڀٽائي سنڌ جي سموري تاريخ جو اُهو دورانديش ۽ عظيم مفڪر آهي جنهن سنڌ وطن جي نئين سر نفسياتي تشڪيل ڪرڻ لاءِ شاعري جهڙي پُرڪشش فَن جي چونڊ ڪئي ۽ ان ئي وسيلي سنڌ اندر جدت ۽ تبديليءَ کي قبول ڪرائڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ اُن ئي نقطه نظر تي پنهنجي سموري فڪر کي سرجيو. سنڌ جي عظيم عالمن جي ڪوششن جي ڪَري لطيف سرڪار جو خالص پيغام خاص طور تي سنڌي نوجوان ۽ سموري سنڌي قوم تائين انهن جي رهنمائي لاءِ پئي پهچندو رَهيو آهي پر اڃا به لطيف سرڪار جي اُن جي.ايم سيد چواڻي ته پنج هزار سالن جي تاريخي پيغام تي ڪيترين ئي تحقيقن جي ضرورت آهي. تنهن ڪَري اسان جي نوجوان کي به گھرجي ته پنهنجي پاڻ کي تحقيق ڏانهن وٺي اچن ۽ پنهنجي تاريخي اثاثن تي بهتر کان بهترين تحقيقون ڪَري سنڌ جي عظمت کي نخارين ۽ سنڌي سماج جي نئين سِر قومي تشڪيل کي تڪميل تائين رسائين.

سهيڙ ۽ تارليف:
عامر عمراڻي

هي ليک 14 جولاءِ 2018 تي لکيو ويو.

Comments

Popular posts from this blog

مضمون ڪيئن لکجي؟

عالمي سياسي منظرنامو (جائزو)